حج جا رڪن شروع: لبيڪ اللهم لبيڪ جون صدائون بلند: پانڌيئڙا منيٰ پهچي ويا

جُون 26, 2023

مڪو شريف(م ڊ) هلندڙ سال 2023ع، 1444هه جي حج جي شروعات اڄ 8 ذوالحج کان ٿي وئي آهي، 2 لک پاڪستانين سميت 160 ملڪن مان 25 لک پانڌيئڙا حج ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهتل آهن

حج پانڌيئڙ لبيڪ اللهم لبيڪ جون صدائون آهن. منيٰ جي 21 لک 92 هزار چورس ميٽر ايراضي تي پکڙيل دنيا جي سڀ کان وڏي خيمن جي ڪالوني آباد ٿي رهي آهي

 حرمين شريفرين جي خادم شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي خاص هدايتن ۽ نگراني ۾ حاجين جي هر ممڪن خدمت ڪئي پئي وڃي. مقدس هنڌن تي بهترين انتظام ڪيا ويا آهن

حج پانڌيئڙا اڄ رات منيٰ ۾ ترسندا ۽ سڀاڻي صبح جو فجر جي نماز پڙهي منيٰ کان عرفات روانا ٿيندا جٿي حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪيو ويندو ، جاجي سڳورا مسجد نمرا ۾ خطبو ٻڌندا، ظهر ۽ عصر جون نمازون پڙهندا جڏهن ته سڄو ڏينهن ذڪر پڻ جاري رهندو

Leave A Comment