| حج لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين ختم: ويلفيئر اسٽاف مقرر نه ٿيو: هزارين پاڪستاني حج کان محروم ٿيڻ جو خدشو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حج 2026 سعودي عرب جي ڊيڊ لائن جو آخري ڏينهن گذري ويو، حج ويلفيئر اسٽاف جي چونڊ ۾ دير سان ڪرڻ انڪشاف ٿيو آهي۔ ذريعن موجب ميڊيڪل مشن جي اميدوارن جي لکت ۾ امتحان جو نتيجو ڪالهه صبح موصول ٿيو. حج معاونن لکت ۾ امتحان جا نتيجا گذريل رات وزارت کي مليا۔ ڊيٽا ۽ دستاويز ڊيڊ لائن کان صرف هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ طلب ڪيا ويا۔ حج ڊيوٽي تي مقرر ويلفيئر اسٽاف جا پاسپورٽ وقت تي نه ٺهڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب پاسپورٽ، دستاويز ۽ ٻيون ضروري گهرجون هنگامي بنيادن تي طلب ٿيڻ سبب حج معاون پريشان آهن۔ معاونن کي هدايت ڪئي وئي ته پاسپورٽ ۽ ٻيون گهرجون ڪجهه ڪلاڪن ۾ فراهم ڪيون وڃن. حج پاليسي وفاقي ڪابينا طرفان جولاءِ ۾ منظور ڪئي وئي هئي۔ سعودي عرب لاءِ ويلفيئر اسٽاف جون گهرجون اپلوڊ نه ٿيڻ سبب بحران جو خدشو آهي. ذريعن مطابق مذهبي معاملن واري وزارت ۾ آخري ٻن ڏينهن ۾ به هنگامي حالت لاڳو هئي۔ وزارت ۾ 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي۔ ڊيڊ لائن کي نظر ۾ رکندي عملو ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي۔ ڪالهه آچر ڏينهن به لاڳاپيل عملدار جي موڪلن کي رد ڪيو ويو. ذريعن مطابق حج ۾ فرض سرانجام ڏيڻ وارن عملدارن جا پاسپورٽ ۽ ٻيون گهرجون وقت تي مڪمل نه ٿي سگهيون آهن. سعودي عرب وڃڻ وارن ملازمن جا دستاويز به آخري وقت ۾ طلب ڪيا ويا۔ سعودي عرب ۾ مقرريءَ لاءِ ويلفيئر اسٽاف جا پاسپورٽ ڪالهه 21 ڊسمبر تائين اپلوڊ ڪرڻ لازمي آهن۔ حج معاونن جون گهرجون ۽ دستاويز پڻ سعودي عرب جي مسار ايپ تي ڪالهه اپلوڊ ڪرڻ ضروري هئا. معاون عملدارن ۾ ميڊيڪل مشن ۽ خدام الحجاج شامل آهن۔ مذهبي معاملن واري وزارت ڊائريڪٽر جنرل کي پاسپورٽ آفيسون کليل رکڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. معاملي کي فوري ترجيح ڏني وڃي۔ واضع رهي ته 2025 ۾ 63 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حج کان محروم ٿي ويا هئا.