تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

’حرف علت‘ ۽ ’سُر‘جي اصولي فرق جو اڀياس … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

موجوده وقت، سنڌي ٻوليءَ ۾ vowel لاءِ ’حرف علت‘، ’سر آواز‘ ۽ ’ڪَڪ پَٽي‘ استعمال ٿين ٿا. سائنسي اڀياس آهر انگريزي ٻوليءَ ۾ اهڙن لفظن جا دائرا جڙيل آهن. عربي ٻوليءَ ۾ حرف علت جو دائرو به ان ٻوليءَ نسبت مناسب آهي. اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اصطلاح لاءِ ٻه- ٽي لفظ ڪم آندا وڃن ٿا. گهرج ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن لفظن جو اصولي اڀياس ٿيڻ بعد اهڙن اصطلاحن جا دائرا جوڙيا وڃن.اسان جڏهن حرف علت جو ذڪر ڪندا آهيون ته ٽن اکرن: ’ا، و ۽ ي‘ جو تصور سامهون ايندو آهي؛ پر جڏهن اعراب جو اصطلاح ڪم آڻيندا آهيون ته ’زبر، زير، پيش، مدّ، شدّ ۽ جزم‘ ذهن تي رهندا آهن. ان کان هٽي ڪري جڏهن سُر (vowels) کي ڏسندا آهيون ته ’اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي، اَي، او ۽ اَو‘ وارا آواز سامهون اچي ويندا آهن. يعني اهي ٽئي اصطلاح الڳ الڳ حيثيت وارا آهن.’حرف علت‘ جي لفظ مان ئي پتو پوي ٿو ته هن جو تعلق ’اکر‘ (grapheme/ letter) سان آهي، جنھن ۾ ’ا، و ۽ ي‘ کي ئي شمار ڪيو ويندو آهي، جيڪي صرف ۽ صرف ڊگهن سُرن (long vowels) جي نمائندگي ڪندا آهن. هن اصطلاح جو تعلق صوتيات (phonology) کان وڌيڪ صورتخطيءَ (orthography) سان آهي. حقيقت ۾ آواز ۽ اکر کي الڳ الڳ دائرن ۾ ڏسڻ جي گهرج هوندي آهي.
ڊاڪٽر الانا consonant لاءِ وينجن ۽ vowel لاءِ سُر جا لفظ استعمال ڪندي، ڊاڪٽر بلوچ جي ’حرف علت‘ واري استعمال تي تنقيص ڪندي لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي دعوى ته اسان جي هاڻوڪي زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته جيئن اڳ تيئن الفاظ حروف صحيح مان بنيل هئا، يعني منجهن حروف علت بلڪل ڪم هئا يا مورڳو نه هئا. هاڻوڪا بنا حروف علت: ا، و ۽ ي کان سواءِ الفاظ، جھڙوڪ: به، ته، نه، مک، ڪڪڙ، مڪڙ ۽ گدڙ، شايد انهيءَ تاريخي اصليت ڏانھن اشارو ڪن ٿا. لفظن جي اهڙي بيھڪ ۽ بناوت جي ماضيءَ جي مطالعي مان ڀانئجي ٿ ته عربيءَ جي اثر کان اڳ، سنڌي الفاظ اڪثر حروف صحيح جا مرڪبات هئا. ڏسو نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر (1962) ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ حيدرآباد، ص: 22.“ (سنڌي صوتيات، 2009: 72)ڊاڪٽر بلوچ ’لسانيات‘ جي جديد علم جو ماڻهو نه هيو ۽ نه وري هن جو اِهو ڪم رهيو. هن شخص، تحقيقي انداز ۾ اداري جي حيثيت سان جيڪو ڪم ڪيو سو تاريخي آهي. هن پراڻين سنڌين/ صورتخطين جي جيڪا سھيڙ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪئي سا شاندار آهي. جهر جهنگ گهمي، ڪافي معاملن کي منظر عام تي آندو. ان لحاظ کان ان جي اهڙن لفظن تي تنقيد ته ڪري سگهجي ٿي، تنقيص نه! تنقيد ان مرحلي کي چئبو آهي، جنھن ۾ ان نقص جي علمي انداز سان نشاندهيءَ بعد ان جو واضح حل هجي. ڊاڪٽر بلوچ جيڪڏهن حروف علت جي ڳالهه ڪئي آهي ته ’ا، و ۽ ي‘ ئي سمجهيا وڃن. بلڪ ٻين جلدن ۾ ڊگها حروف علت جو اصطلاح پڻ ڪم آندو اٿس، جنھن ۾ اندازو ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ جي ٻڌائڻ جو مقصد پراڻي سنڌي صورتخطيءَ ۾ صرف ’حرف علت‘ جي گهٽ استعمال جو آهي. مزي جي ڳالهه ته جيڪي مثال ڏنا اٿس تن ۾ واقعي به’حروف علت‘ جو استعمال ته آهي ئي ڪونه! علمي حوالي سان زيرن زبرن کي ’حرف علت‘ ۾ ته شامل ئي ڪونه ڪبو. جن به عالمن ڊاڪٽر بلوچ جي اهڙي ڳالهه تي ’تنقيص‘ ڪئي آهي انهن ته ’زيرن زبرن‘ کي به حرف علت ۾ شامل سمجهيو آهي، جيڪا سراسر غير علمي ڳالهه ٿي وڃي ٿي.
اسان وٽ سراج ميمڻ به لسانيات جو ماهر سڏجي ٿو، تنھن ’صوتي نظام‘ تي لکندي ڊاڪٽر بلوچ تي تنقيص ڪئي آهي ته: ”هيءُ صاحب انهن لفظن (ڪُڪُڙُ ۽ گِدَڙُ) کي انگريزيءَ ۾ لکي ڏسي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته انهن لفظن ۾ ٽن حروف صحيح کان سواءِ اوترائي حروف علت به موجود آهن. هت انهن لفظن کي رومن ۾ لکي ٿو ڏيکارجي ته ڳالهه صاف ٿي بيھي: گِدَڙُ = Gidaru، ڪُڪُڙُ = kukuru. اوهان ڏسندا ته ٻنهي لفظن ۾ ٽي حروف علت موجود آهن. اسان جي سنڌيءَ جو موجوده رسم الخط جيئن ته عربيءَ تان اختيار ڪيو ويو آهي. ان ڪري حروف علت کي ادا ڪرڻ لاءِ زير، زبر ۽ پيش کان ڪم ورتو وڃي ٿو.“ (سنڌي ٻولي، 2009: 82)
اصولي طور تي ڊاڪٽر بلوچ ڳالهه اڻپوري ضرور ڪئي آهي، ليڪن غلط نه ڪئي آهي، جڏهن ته سراج ميمڻ واري ڪيل تنقيص سراسر غير علمي آهي. ٻوليءَ جا ماهر اصطلاحن جي استعمال ۾ ڪافي محتاط رهيا آهن، ليڪن پوءِ به ڪن جڳھين تي غير مناسب اصطلاح جي استعمال مان جان نه ڇڏائي سگهيا آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا ’حرف علت‘ هن انداز ۾ ڪم آندو آهي ته:
”ساڳيءَ طرح [ل]، [ڙ]، [م]، [ن] ۽ [ڻ] جي وسرگ آوازن [لهه]، [ڙهه]، [مهه]، [نهه] ۽ [ڻهه] کان بي خبر هئڻ سبب سنڌيءَ جا ڪيترائي استاد وسرگ آوازن کي حرف علت ذريعي ڌار ڪندا آهن، ۽ ’هِجي‘ ڪندا آهن:
01-َڙِهيو: پي زبر پَ، ڙي زير ڙِ، هي زير ههِ، ي وا يو = پڙهِيو
02-سُمهِي: سين پيش سُ، ميم زير مِ، هي ي زير هِي = سُمهِي….“ (سنڌي صورتخطي، 1993: 150)
ڊاڪٽر الانا جيڪا محمد ابراهيم جويي جي ايڊٽ ڪيل سنڌي پرائيمر ۾ زيرن زبرن واري هِجي ڄاڻائي آهي، تنھن بابت سندس خيال ٺيڪ آهي ته وسرڳن جي هِجي ائين نه ڪبي؛ ليڪن پاڻ جيڪو اصطلاح ’حرف علت‘ ڪم آندو اٿس سو بنهه غير مناسب آهي. ڪھڙا به علمي ڪتاب کولي ڏسو حرف علت ۾ ٽي اکر ’ا، و ۽ ي‘ ئي شامل ٿيندا آهن. زيرن زبرن کي ڪي جواز ڄاڻائي ’حرف علت‘ مان ڄاڻايو ضرور ويندو آهي؛ ليڪن علمي حوالي سان زيرون زبرون ’حرف علت‘ ۾ شمار نه ٿينديون آهن. منھنجي اڀياس موجب حروف علت صرف ’ا، و ۽ ي‘ کي ٿو ڪوٺجي، جيڪي عربي رسم الخط ذريعي سنڌي صورتخطيءَ ۾ صرف ’ڊگهن سُرن‘ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم اچن ٿا. ڄاڻايل اکر/ حرف علت سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڊگهن سُرن ۾ ڪم آندا ويندا آهن، هيٺ چند مثال رکجن ٿا:
حرف علت ’الف‘ سان: پاوا- کارا- آنا وغيره.
حرف علت ’واؤ‘ سان: ڪوڪو- گهوڙو- ميوو وغيره.
حرف علت ’يي‘ سان: آهي- کِيرُ- تيارِي وغيره.
’آنا‘ لفظ ۾ ’آ‘ وارو الف، حرف علت ناهي، بلڪ پد (Syllable) جي صورت ۾ وينجن/ حرف صحيح (Consonant) آهي، البت، الف مٿان آيل مد کي حرف علت ۾ شامل ڪري سگهبو.
’ميوو‘ ۾ پھريون ’و‘ وينجن/ حرف صحيح آهي، ليڪن ٻيو ’و‘ حرف علت چئبو.
’تيارِي‘ ۾ پھرين ’ي‘ وينجن/ حرف صحيح (Consonant) آهي، پر ٻي ’ي‘ حرف علت سڏبي.
ان اڀياس مان واضح ٿئي ٿو ته ’حرف علت‘ صورتخطيءَ ۾ ڊگهن سُرن جي حالت ۾ ڪم آندو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ ’اعرابَ‘ کي حرف علت ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي. جن به اعراب کي حرف علت ۾ شامل ڪيو آهي، اهي لاعلميءَ ۾ رهيا آهن.ڊاڪٽر الانا ۽ سراج ميمڻ جي يڪ- طرفي تنقيص ۽ عام اڀياس مان اهو اخذ ٿئي ٿو ته حرف علت جو اصطلاح، بيشڪ عام استعمال ڪيو ويندو آهي، اهڙي حالت ۾ صفا ردّ نه ٿو ڪري سگهجي؛ بلڪ ان کي سمجهي ان جا دائرا متعيّن ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. سُر ۽ حرف علت هڪٻئي سان سلهاڙيل ضرور آهن، ليڪن حيثيت ۾ الڳ الڳ آهن. ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سُر آواز ڏهه آهن: اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي، اَي، او ۽ اَو، جڏهن ته حرف علت ٽي آهن: ا، و ۽ ي. حرف علت۽ اعرابنکي ملائي سُر آواز جا اکر/ علامتون چئي سگهجي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *