جمعي جي منجهند مڪي مڪرمہ ۾ سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيہ جي قيادت هڪ دستاويز تي صحيون ڪيون ۽ مسلم دنيا جي عسڪري تاريخ ۾ هڪ نئين معاهدي جو اضافو ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن اڳ شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير عمرو ادا ڪيو هو. ٻئي ڏينهن حرم جي ڇانوَ ۾ اهو دستاويز سامهون آيو، جنهن جو نالو آهي مڪه گڏيل دفاعي معاهدو.
شايد چوڏهن سؤ سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن دفاعي اتحاد تي صحيون اسلام جي مقدس ترين شهر ۾ ڪيون ويون آهن. ۽ هن هنڌ جو چونڊجڻ ڪو اتفاق ناهي. هنڌ ئي اصل پيغام آهي.
پهريان پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ڇڏيان. دل چوي ٿي ته واڌايون هجن، امت جون ٽي وڏيون طاقتون هڪ ئي ڇٽيءَ هيٺ اچي ويون. پر دل سان گڏ عقل جو پاسبان به رکڻو پوندو. تنهنڪري پهريان حقيقتون، پوءِ ٽي تلخ سوال، ۽ آخر ۾ اها ڳالهه جيڪا ڪو به نٿو ڪري.
حقيقتون هي آهن ته معاهدي جي بنيادي شق اها ئي آهي، جيڪا نيٽو جي آرٽيڪل پنجين ۾ آهي. ٽنهي مان ڪنهن هڪ تي هٿياربند حملو، سڀني تي حملو تصور ڪيو ويندو. رائٽرز موجب ڳالهين جو سلسلو لڳ ڀڳ هڪ سال هليو. هي معاهدو سيپٽمبر 2025ع جي ان پاڪ- سعودي اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي توسيع آهي، جيڪو قطر تي اسرائيلي حملي کان پوءِ ٿيو هو، ۽ هاڻي ان ۾ ترڪيہ به شامل ٿي ويو آهي. ترڪ عملدارن جو چوڻ آهي ته معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي، ڪنهن ملڪ خلاف ناهي، ٻين ملڪن لاءِ به دروازو کليل آهي، ۽ ترڪيہ جون نيٽو بابت ذميواريون متاثر نٿيون ٿين.
۽ ٽئي ملڪ ڇا کڻي آيا آهن، اهو به ڏسي وٺون. سعودي عرب دنيا جو سڀ کان وڏو تيل برآمد ڪندڙ ۽ عرب دنيا جي واحد جي-20 معيشت آهي، جنهن جي دفاعي بجيٽ لڳ ڀڳ اسي ارب ڊالر آهي. ترڪيہ نيٽو جي ٻي وڏي فوج ۽ اڀرندڙ دفاعي صنعت رکي ٿو، جنهن 2023ع ۾ سعودي عرب کي ڊرون وڪڻي پنهنجي تاريخ جو سڀ کان وڏو دفاعي برآمدي معاهدو ڪيو. ۽ پاڪستان، ڇهن لکن کان وڌيڪ فعال فوج سان دنيا جي ڇهين وڏي عسڪري قوت، ۽ عالمِ اسلام جي واحد ايٽمي طاقت آهي. مجموعي آبادي لڳ ڀڳ ڇٽيهه ڪروڙ. تيل، بارود ۽ بم- ٽئي هڪ ئي ميز تي.
هاڻي اها ڳالهه جيڪا سرخين ۾ ناهي، ۽ اصل ۾ هن لکڻيءَ جو مغز به اها ئي آهي.
هن معاهدي جي تاريخ ڏسو. ست آگسٽ. ۽ اسلام آباد ميمورنڊم جي سٺ ڏينهن واري مهلت ڪڏهن ختم ٿي رهي آهي؟ سورهن آگسٽ. صرف اٺ ڏينهن پوءِ. ۽ اها جنگبندي، جنهن تي جون ۾ ورسائي ۽ تهران ۾ صحيون ٿيون هيون، جولاءِ کان ئي ٽٽڻ شروع ٿي چڪي آهي. نَو جولاءِ تي بوشهر جي ايٽمي پلانٽ جي ويجهو آمريڪي گولو ڪريو. ايران بحري جهازن تي فائرنگ ڪري ٿو، آمريڪا محدود جواب ڏئي ٿو، ايران بحرين ۽ ڪويت تي وسي ٿو. معاهدو اندران ئي اندران ڳري رهيو آهي. ايٽمي فائل تي هڪ انچ به اڳڀرائي نه ٿي آهي.
مڪي جو هي معاهدو امن جي جشن ۾ نه ٿيو آهي. هي امن جي جنازي جي خدشي ۾ ٿيو آهي. ٽنهي گاديءَ وارن شهرن اهو حساب لڳائي ورتو آهي، جيڪو سفارتڪار زبان تي نٿا آڻين. ته جيڪڏهن سورهن آگسٽ تي مهلت ختم ٿي ۽ جنگ ٻيهر شروع ٿي، ته ايندڙ نشانو خليج هوندو.
هي معاهدو ڇٽي ناهي، برسات اچڻ کان اڳ واري ڇٽي آهي.
هاڻي ٽي سوال، ۽ ٽئي تلخ آهن.
پهريون سوال. ڇا ڪاغذ گولي روڪي سگهي ٿو؟
نيٽو جو آرٽيڪل پنجاهه ست ورهيه پراڻو آهي ۽ پوري تاريخ ۾ صرف هڪ ڀيرو استعمال ٿيو، نائن اليون کان پوءِ. ڌمڪي جي طاقت صحيون ڪرڻ ۾ نه، پر دشمن جي يقين ۾ هوندي آهي.
ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ميمبر ابراهيم رضائي چوويهن ڪلاڪن اندر ئي ٻڌائي ڇڏيو. هن لکيو ته سعودي عرب کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته ترڪيہ ۽ پاڪستان سان ڪيل ڪاغذي معاهدو کين سلامتي نه ڏيندو، جيئن آمريڪا تي ڏهاڪن جو هڪ طرفو انحصار به کين سلامتي نه ڏئي سگهيو.
طنز تلخ آهي، پر سوال جائز آهي. جيڪڏهن سڀاڻي ايراني ميزائل رياض تي ڪري پيو ته اسلام آباد عملي طور ڇا ڪندو؟ نَو سؤ پنج ڪلوميٽرن جي گڏيل سرحد رکندڙ پاڙيسريءَ خلاف فوج موڪليندو؟
هي اهو سوال آهي، جنهن جو جواب معاهدي جي متن ۾ نه، پر جي ايڇ ڪيو جي دل ۾ آهي. ۽ ڌمڪي اوتري ئي مضبوط هوندي آهي، جيترو ان تي عمل ٿيڻ جو يقين هوندو.
ٻيو سوال. ٽياڪڙ يا ڌر؟
هي سوال منهنجي دل تي سڀ کان وڌيڪ بار آهي. ست هفتا اڳ دنيا جي سڀ کان وڏي امن معاهدي تي منهنجي ملڪ جي گاديءَ واري شهر جو نالو لکيو ويو هو. اسلام آباد ميمورنڊم. پاڪستان ٽياڪڙ هو، ضامن هو، ٻنهي “دشمنن” جو اعتماد رکندڙ هو.۽ اڄ اهو ئي پاڪستان هڪ اهڙي بلاڪ ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪو عملي طور ان ئي تهران جي خلاف ڍال آهي، جنهن جو پاڪستان ضامن بڻيو هو.
ريفري هڪ ٽيم جي جرسي پائي ورتي آهي.
هاڻي رڳو ٻه رستا آهن. يا ته پاڪستان تهران کي يقين ڏياري ته هي معاهدو ڍال آهي، تلوار ناهي، ۽ ٽياڪڙي جو دروازو کليل رکي. يا پوءِ سورهن آگسٽ تي ميمورنڊم سان گڏ پاڪستان جي ٽياڪڙي جو سرمايو به دفن ٿي ويندو.
پر هڪ تلخ سچ به آهي. غيرمسلح ٽياڪڙ جي ڳالهه ڪو نٿو ٻڌي، مسلح ٽياڪڙ جي ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي.
پاڪستان هاڻي تاريخ جي سڀ کان سنھي رسيءَ تي هلي رهيو آهي. هڪ هٿ ۾ رياض جو حلف، ٻئي هٿ ۾ تهران جو اعتماد. ٻنهي کي هڪ ئي وقت سنڀالڻ ئي اصل امتحان آهي.
ٽيون سوال، ۽ اهو ڪو به نٿو پڇي. قيمت ڇا آهي؟
اسي ارب ڊالر هر سال دفاع تي خرچ ڪندڙ سلطنت کي لڳ ڀڳ ڏهه ارب ڊالر جي دفاعي بجيٽ رکندڙ پاڪستان جي ضرورت ڇو پئي؟
جواب صاف آهي. سعودي عرب پئسي سان تقريباً سڀ ڪجهه خريد ڪري چڪو آهي، سواءِ ان ايٽمي پاڇي جي، جيڪو صرف پاڪستان وٽ آهي. … ۽ اتان ئي هڪ تلخ سوال جنم وٺي ٿو.
جيڪو ملڪ آءِ ايم ايف جي چوويهين پروگرام تي پساهه کڻي رهيو هجي، جنهن جي مرڪزي بئنڪ ۾ ٽي ارب ڊالر سعودي امانت رکيل هجي، جنهن جا اُڻونجاهه لک شهري خليج ۾ مزدوري ڪري هر سال اٺٽيهه ارب ڊالر موڪليندا هجن، اهو جڏهن ڪنهن جي گهر جي ضمانت ڏئي ٿو ته دنيا پڇي ٿي ته ضمانت عقيدي تي ڏني وئي آهي يا قرض تي؟
سيپٽمبر 2025ع واري معاهدي جو مڪمل متن اڄ تائين منظرعام تي ناهي آيو. هاڻي هي ٽي- ڌريو حلف به بند لفافي ۾ آهي. پارليامينٽ جو حق آهي ته ڄاڻي: فيصلي جي آڱر ڪنهن جي آهي؟ پاڪستاني سپاهيءَ جو رت ڪڏهن ۽ ڪٿي وهندو، اهو فيصلو اسلام آباد ڪندو يا ڪنهن ٻئي گاديءَ واري شهر جي ٽيليفون ڪال؟
۽ هاڻي اها تاريخ، جيڪا هن معاهدي جي پٺيان بيٺي مرڪي رهي آهي.
ايڪهتر سال اڳ، 1955ع ۾، بغداد پيڪٽ ٿيو هو. ان جا ميمبر ياد آهن؟ ترڪيہ، پاڪستان، عراق، برطانيا ۽ ايران. ها، ايران به ان اتحاد جو حصو هو. اڄ جو اتحاد عملي طور ايران جي خلاف آهي. ستر ورهين ۾ دوست دشمن بڻجي ويو، ۽ دشمن جو خوف دوستيءَ جو بنياد بڻجي ويو.
اهو پيڪٽ ختم ٿيو، پوءِ آر سي ڊي ٺهي، اها به ختم ٿي وئي. مسلم اتحادين جو قبرستان اڳ ئي ڀريل آهي.
پر انهن سڀني ۽ مڪي جي هن معاهدي ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. اهي سڀ اولهه جا جوڙيل هئا، انهن جي صفن ۾ اولهه پاڻ موجود هو. هي پهريون اتحاد آهي، جيڪو اولهه جي وڃڻ کان پوءِ ٺهيو آهي. خالي ڪرسيءَ جي خوف هن کي جنم ڏنو آهي. آمريڪي ڇٽيءَ تي شڪ هن کي جنم ڏنو آهي. هن جي سند واشنگٽن کان نه، مڪي کان آئي آهي. ۽ اها ئي هن جي سڀ کان نئين ڳالهه آهي. هي خطي جو پهريون ”پوسٽ- آمريڪا“ سلامتيءَ جو ڍانچو آهي.
پر تاريخ جو سڀ کان تلخ مذاق اڃا باقي آهي. ڏهاڪن کان امتِ مسلمه نيٽو جهڙي اتحاد جا خواب ڏسندي رهي، ۽ هر خواب ۾ ان اتحاد جو رخ هڪ ئي طرف هو. اڄ جڏهن ”مسلم نيٽو“ جي پهرين سر رکيل آهي، ته ان جو عملي رخ هڪ مسلمان ملڪ ڏانهن آهي، جڏهن ته لبنان تي اسرائيلي بم اڃا به ڪري رهيا آهن ۽ معاهدي جي متن ۾ اسرائيل جو نالو تائين ناهي.
خواب پورو ٿيو، پر قبلو بدلجي ويو.
ترڪ عملدارن معاهدي بابت ٽي ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي غور طلب آهن: هي دفاعي نوعيت جو آهي؛ هي ڪنهن مخصوص ملڪ جي خلاف ناهي؛ ۽ هن جو دروازو خطي جي ٻين ملڪن لاءِ به کليل آهي.
آخري جملو سڀ کان وڌيڪ وزني آهي، ڇاڪاڻ ته ايڪهتر سال اڳ بغداد پيڪٽ ۾ ترڪيہ ۽ پاڪستان سان گڏ ايران پاڻ به ويٺو هو. جاگرافي نه بدلي آهي، حڪومتون بدليون آهن. ۽ حڪومتون ٻيهر به بدلجي سگهن ٿيون.
هتي عمان جو ذڪر ضروري آهي، جنهن تي ڪو به ڳالهائي نٿو.
اسلام آباد ميمورنڊم ۾ لکيل آهي ته هرمز جي مستقبل جي انتظام بابت عمان سان گڏجي فيصلو ڪيو ويندو. يارهين جولاءِ تي مسقط آبنائي جي رستن جي انتظام جو مسودو به تيار ڪيو.
عمان ايران جو پراڻو دوست ۽ خطي جو آخري ايماندار قاصد آهي. پر جولاءِ ۾ ايراني ميزائل عماني پاڻيءَ ۾ اماراتي ٽينڪرن تي ڪريا ۽ پاڻ عمان به نشانو بڻيو.
يعني تهران جا موجوده فيصلا ساز پنهنجي قديم ترين دوست جي اڱڻ ۾ به باهه اڇلائي رهيا آهن.
مان پنهنجي پوئين ڪالمن ۾ لکي چڪو آهيان ته ايران ۾ ٻه حڪومتون آهن: هڪ پاسپورٽ واري، ٻي پستول واري. مڪي جو معاهدو پستول واري حڪومت لاءِ ڀت آهي، ۽ پاڪستان ۽ عمان جو ڪم اهو آهي ته پاسپورٽ واري حڪومت لاءِ دروازو کليل رکن. ڀت ۽ دروازو گڏ گڏ ئي هلندا آهن.
هندستان معاهدي جي حوالي سان خاموش آهي. معاهدو چوي ٿو: ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾. هن جملي ۾ اوڀر واري سرحد لاءِ ڪا به رعايت درج ناهي.
سيپٽمبر واري معاهدي تي دهليءَ جي پيشانيءَ تي گهنج پئجي ويا هئا، هاڻي اردوان به پاڪستان ۽ سعودي عرب واري خيمي ۾ داخل ٿي ويو آهي. دهليءَ جي خاموشي تمام بلند آهي.
پاڪستان لاءِ هي سڄي سوديبازيءَ جو واحد غيرمبهم منافعو آهي.
آخري ڳالهه:
پاڪستان لاءِ اصل سبق اهو ئي پراڻو آهي. ضامن اهو ئي ملڪ بڻجي سگهي ٿو، جنهن جو پنهنجو ڪشڪول ٽٽل هجي.
بندوق اڌار ملي سگهي ٿي، ڀرم اڌار نٿو ملي.
جنهن ڏينهن اسان جي معيشت اسان جي بمن جيتري مضبوط ٿي وئي، ان ڏينهن مڪي جو هي حلف واقعي تاريخ بدلائيندو.
ان ڏينهن تائين، دعا به رکجو ۽ عقل جو پاسبان به.