حريم شاهه به انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو ؟ 12-12 هزار جون قسطون جاري

جُولاءِ 20, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه سستا پلاٽ ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ انڪم سپورٽ پروگرام به شروع ڪري ڇڏيو آهي، 12-12 هزار جون قسطون جاري ڪري رهي آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مختلف صارفين پاران پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته حريم شاهه پاران 12-12 هزار رپيا ڏنا ويا آهن

حريم شاهه پوسٽن کي ري ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته منهنجا پئسا منهنجي مرضي جتي به ورهايان، اڄ به هڪ يا ٻه لڪي فالوئرز کي 12 رپيا ڏينديس

حريم شاهه چيو ته 12 هزار رپيا ماڻڻ لاءِ منهنجي پروفائيل تي وڃي ڪري سڀ کان پهريان وڊيو پوسٽ کي لائيڪ ڪريو

حريم شاهه چيو ته 12 هزار رپيا کٽڻ لاءِ منهنجي وڊيو کي لائيڪ ڪرڻ کانپوءِ ان شيئر ضرور ڪريو، ان بعد لڪي فالوئرز کي 12 هزار رپيا ڏينديس

هڪ صارف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حريم شاهه پئسا موڪلڻ لاءِ لک ٿورا، مون کي لڳي رهيو هو ته اوهان مذاق ڪري رهيا آهيو پر اوهان پنهنجو واعده سچ ڪري ڏيکاريو

هڪ ٻئي صارف لکيو ته حريم شاهه کان مون کي به پئسا ملي ويا اهي پورا 12 هزار رپيا مليا آهن، حريم شاهه جون وڏيون مهربانيون آهن

عصمه بي بي نالي صارف ليکو ته آئون ڪالهه کان ڪوشش ڪري رهي هيس ته ايندڙ نالو منهنجو هجي ۽ دعائون گهري رهيس، پئسا موڪلڻ لاءِ مهربانيون

Leave A Comment