حريم شاهه صندل خٽڪ کي گرفتار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي

جُون 12, 2023

اسلام آباد ( شوبز نيوز) ايف آءِ اي ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد ٽڪ ٽاڪ اسثار صندل خٽڪ کي گرفتار ڪري ورتو، صندل خٽڪ تي حريم شاهه جي نازيبه وڊيو ليڪ ڪرڻ جو الزام آهي

اسلام آباد جي عدالت ۾ حريم شاهه جي غير اخلاقي وڊيو ليڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس ۾ صندل خٽڪ جي گرفتاري کان اڳ ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي

فريادي حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ پنهنجن وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيون، صندل خٽڪ عدالت ۾ ڳالهائيندي چيو ته حريم شاهه جون وڊيو هاڻي وائرل ٿيون آهن پر هوءَ مون کي هڪ سال کان بليڪ ميل ڪري رهي آهي

هن چيو ته  حريم شاهه نازيبه تصويرن ذريعي مون کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي جيڪا مون سان وڏي ناانصافي آهي نه مون هن جي وڊيو ٺاهي آهي نه وري ليڪ ڪئي آهي

حريم شاهه عدالت آڏو پنهنجون وڊيوز ڏيکاريون جنهن بعد صندل خٽڪ جي درخواست رد ڪئي وئي،ايف آءِ اي ٽڪ ٽاڪ اسٽار صندل خٽڪ کي گرفتار ڪري ورتو

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام