حريم شاهه مان خطرو: صندل خٽڪ ٿاڻي تي پهچي وئي

جُون 11, 2023

ڪراچي ( شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ اسٽار صندل خٽڪ چيو آهي ته حريم شاهه مون کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، حياتي لاءِ خطرا وڌي ويا آهن، سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي

هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صندل خٽڪ چيو ته حريم شاهه پاران لڳايل الزامن جي مان اڳ ئي ترديد ڪري چڪي آهيان هن مون کي ڌمڪيون ڏنيون آهن منهنجي حياتي کي خطرو آهي ان حوالي سان ڪرڪ ٿاڻي تي درخواست کڻي وئي هيس پر اها رد ڪئي وئي.

صندل خٽڪ جو چوڻ آهي ته پوليس وٽ سڪيورٽي لاءِ درخواست ڏني پر ان تي ڪوبه عمل نه ڪيو ويو.

ٽڪ ٽاڪر چيو ته منهنجي حياتي کي خطرا آهن جنهن بابت منهنجي دانهن ڪير به نه پيو ورنائي، مون کي سڪيورٽي ڏني وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ