| حر جماعت جي معاملن ۾ شرعي ۽ انتظامي اصولن تي عمل ڪريو: پير پاڳارو |
سانگهڙ (رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳارا پاران چيف خليفي فقير ڪليم الله وساڻ حر جماعت لاءِ اهم هدايتون ۽ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. حڪمن ۾ جماعت جي معاملن، شادي، طلاق ۽ خانداني معاملن بابت شرعي ۽ انتظامي اصولن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته حر جماعت ۾ شاديءَ جي معاملن ۾ شريعت ۽ خاندان جي رضامندي کي نظر ۾ رکيو وڃي، جڏهن ته شادي، طلاق ۽ ٻين خانداني معاملن بابت مقرر ڪيل اصولن جي پابندي ڪئي وڃي. حڪمنامي موجب ڪنهن به خاندان يا فرد طرفان جماعت جي معاملن ۾ مقرر ڪيل اصولن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ چيف خليفي ۽ لاڳاپيل ذميوارن کي ڪارروائي جو اختيار هوندو. طلاق جي معاملن ۾ به شرعي طريقيڪار اختيار ڪرڻ ۽ عورتن جي حقن جو خيال رکڻ تي زور ڏنو ويو آهي. حر جماعت اندر نظم، اتحاد ۽ شريعت جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ حڪمنامي تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي