حساس دستاويز کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو: عمران ۽ شاهه محمود تي سائفر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو: پي ٽي آءِ پاران چيلينج ڪرڻ جو اعلان

آڪٽوبر 23, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف فرد جرم لاڳو، جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائي، خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاران ڏوهه ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪيو

پي ٽي آءِ چيئرمين جج سان مخاطب ٿيندي چيو ته قوم کي مبارڪون، منڊيلا واپس اچي ويو، عدالت سائيڪل فراهمي جي درخواست منظور ڪئي

عدالتي پڇاڻي تي شاهه محمود ٻڌايو ته کٽ ڏني وئي آهي، اسپيشل پراسيڪيوٽر موجب ڪيس ۾ 28 شاهدن کي طلب ڪيو ويندو، جوابدارن کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون

 جج ابوالحسنات فرد جرم جي ڪارروائي روڪڻ واري پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت 27 آڪٽوبر  تي ڪيس جي گواهن جا بيان طلب ڪري ورتا

جج ابوالحسنات جوابدارن عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سامهون فرد جرم جي چارچ شيٽ پڙهي ٻڌائي، چارج شيٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف هلندڙ سال 15 آگسٽ تي سائفر ڪيس داخل ٿيو، جوابدار ڳجهن دستاويزن جي معلومات بابت رابطن ۾ ملوث ڏٺا ويا، 7 مارچ 2022 تي واشنگٽن مان وصول سائفر غيرلاڳاپيل ماڻهن حوالي ڪيو ويو

چارج شيٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سائفر ٽيلي گرام جي حقيقت کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، جوابدارن سائفر کي قومي سلامتي خلاف ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، 28 مارڄ 2022 تي بني گالا ۾ ڳجهي اجلاس ۾ سائفر جي مضمون جو غلط استعمال ڪيو ويو

 اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اعظم خان کي سائفر جا منٽس پنهنجي انداز ۾ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم بدديانتي ۽ بد نيتي سان ڄاڻي واڻي سائفر تحويل ۾ رکيو، سائفر جهڙي اهم ترين سرڪاري دستاويز کي غيرقانوني طور تي پنهنجي قبضي ۾ رکيو

چارچ شيٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن رياست جي سائفر سيڪيورٽي سسٽم تي ٺاهه ڪيو، جوابدارن جي سائفر ٽيلي گرام تي بدديانتي سان رياست کي نقصان پهتو

آمريڪا ۾ اڳوڻي سفير ڊاڪٽر اسد مجيد ڊونلڊ کو پاڪستان هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو، ملاقات ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جا منٽس سائفر ذريعي پرڏيهي سيڪريٽري کي اماڻيا ويا، 7 مارچ 2022 تي وصول سائفر کي پرڏيهي وزارت جي ايس ايس پي سيڪشن جي حفاظتي تحويل ۾ ڏنو ويو

 سائفر انتهائي اهم ۽ ڳجهو دستاويز آهي جنهنکي ڪنهن به صورت شيئر نٿو ڪري سگهجي، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي جوابدار قرار ڏئي ٽرائل شروع ڪيو وڃي

هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت ۾ چيو ته منهنجي خلاف سازش ٿي آهي، منهنجي حڪومت وئي، جنهن ميٽنگ جو ذڪر ڪيو ويو ان جا منٽس به موجود ناهن، سائفر به ڪاغذن ۾ موجود ناهي

هن چيو ته  پي ٽي آءِ کي بلڊوز ڪرڻ لاءِ لنڊن پلان جو اڳ ئي پتو هو، نواز شريف امپائر کي گڏائي کيڏندو آهي، نواز شريف ان وقت تائين اليڪشن ۾ ناهي ايندو جيستائين مرضي جو امپائر نه هجي، جيڪڏهن وڏي چور کي ڇڏڻو آهي ته پوءِ اڊيالا جيل ۾ قيد جوابدارن کي به ڇڏي ڏيو

Leave A Comment