حساس ماڳ ۽ جٽادار ترقيءَ جو سوال

جُولاءِ 31, 2023

  ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ ڪارونجهر جبل جي گرينائيٽ پٿر جي نيلاميءَ تي رد عمل هلندڙ آهي. ڪارونجهر جي اهميت تي ايترو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، جنهن جي ورجاءَ جي ضرورت نه آهي. اصل بحث اهو آهي ته ماحولياتي ۽ تاريخي لحاظ کان حساس ماڳن تي ترقيءَ جي ڪابه سرگرمي ڪجي يا نه ڪجي ۽ جي ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟

                 دنيا ۾ سرمائيدار حڪومتن ۽ خانگي ڪمپنين پاران پئسي ڪمائڻ جي انڌي ڊوڙ سبب صدين جي قدرتي عمل سان جنم وٺندڙ قدرتي وسيلن ۽ انساني تهذيب جي نمائندگي ڪندڙ ماڳن جي جيڪا ڀيل ٿي آهي، ان تي ڪجهه ڏهاڪن کان آزاد معاشرن وارن ملڪن ۾ وڏو بحث، رد عمل ۽ عوامي مزاحمتون هلندڙ آهن.

                 جيئن جيئن اهو احساس پختو ٿيو ته هر ترقي دراصل انساني سماج کي اڳتي نٿي وٺي وڃي ۽ ان جا وقتي فائدا، ڊگهي مدي ۾ نقصان جو ڪارڻ بڻجن ٿا ته سڌريل/اسريل معاشرن ۾ ان معاملي تي علمي بحث تيز ٿي ويو. مثال طور: 60ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيميائي ڀاڻ ۽ ڦوهارن وسيلي زرعي اپت وڌائڻ کي سائي انقلاب جو نالو ڏنو ويو. اڳتي هلي تحقيق مان خبر پئي ته وڌندڙ آباديءَ جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ سائي انقلاب وسيلي زرعي اپت وڌائڻ لاءِ جيڪي ڪيميائي ڀاڻ، دوائون ۽ نوان ٻج متعارف ڪرايا ويا، سي دنيا ۾ موذي مرضن ۽ موت پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجي ويا. ايئن ارڙهين صديءَ ۾ يورپ اندر آيل صنعتي انقلاب جتي اربين ڊالرن جي نئين معيشت کي اڀاريو، اتي ان خوفناڪ ماحولياتي گدلاڻ کي به جنم ڏنو. ٻه صديون پوءِ لنڊن ۾ ڊسمبر جي تهه سياري ۾ (1952ع ۾) آيل ڪوهيڙي جي نتيجي ۾ سڌي/اڻ سڌي طرح 16 هزار ماڻهن جي موت کانپوءِ اتي صاف هوا وارو قانون منظور ڪيو ويو. ان صورتحال يورپ ۾ ماحوليات بابت بحث کي جنم ڏنو. ترقي جي ماهرن ان مسئلي تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي. سرمائيدار دنيا ۾ خواهشن جو ضرورت ۾ بدلجڻ سبب ترقيءَ جي ان عمل کي روڪڻ يا پٺتي ڪرڻ ممڪن نه هو، تنهنڪري ان بحث “جٽادار ترقي” واري تصور کي اڳتي وڌايو. 1972ع ۾ گڏيل قومن پاران اسٽاڪ هوم شهر ۾ انساني ماحول بابت عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ جٽادار ترقيءَ واري تصور کي باقاعدي مڃيو ويو. ان کانپوءِ لڳاتار ان موضوع تي عالمي ميڙاڪا منعقد ٿيا.

جٽادار ترقيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني سماج جي اوسر لاءِ ترقيءَ جو عمل جاري رهڻ ضروري آهي، پر ترقيءَ جي ان عمل کي فطري توازن، قدرتي وسيلن جي جٽادار واهپي ۽ ان جي تحفظ سان سلهاڙڻ جي ضرورت آهي. ايئن ترقيءَ جي هن نئين وصف تي ڳالهه ٻولهه ۽ عمل کي اڳتي وڌايو ويو. ان تصور کي سمجهڻ لاءِ ترقيءَ جي ٽمورتي کي متعارف ڪرايو ويو، جنهن کي People, Planet and Profit جو نالو ڏنو ويو. مختصر لفظن ۾ ترقي، سرمائيداري يا منافعي کي حرام قرار ڏيڻ بدران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته صحيح معنيٰ ۾ ترقي اها آهي، جنهن ۾ زمين جي گولي جي ماحولياتي صحت ۽ انساني حقن جو احترام يقيني هجي. ماحولياتي صحت ۾ هوا، پاڻي، چراگاهه، مٽي، ثقافتي/تهذيبي ماڳ، جهنگلي جيوت، آبي جيوت، نباتات وغيره کي شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح انساني حقن جي معاملن ۾ سندن تهذيبي ورثي، گذر سفر جي وسيلن، مالڪي جي حقن، تاريخي حقن، گروهي وجود ۽ سڃاڻپ، سندن مال ملڪيت، سندن سماجي ترقيءَ سميت انساني حقن جي وسيع مفهوم کي سمايو ويو آهي. ترقيءَ جي ان جديد تصور جي ڄمار اڃان اڌ صدي مس آهي. اسريل ملڪن ۾ بهتر حڪمراني، عوامي جاڳرتا ۽ مالي وسيلن جي موجودگيءَ سبب ان تصور تي عمل نسبتن تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اسرندڙ/ پٺتي پيل ملڪن ۾ خراب حڪمراني، بيٺڪيتي ورثي ۾ مليل غربت، عوام جي پسماندگي ۽ ڪمزور رياستي ڍانچي سبب ان تي عمل سست آهي.

هن سڄي پسمنظر ۾ ڏسجي ته پاڪستان ۾ ترقيءَ جو عمل گهڻي ڀاڱي جٽادار ترقيءَ واري عمل کان گهڻو پرتي بيٺو آهي. ترقياتي رٿائن جي نتيجي ۾ ماڻهن جو بي گهر ٿيڻ، سندن زمينن جا معاوضا نه ملڻ، سندن قدرتي وسيلن ۽ تهذيبي ماڳن جو نقصان ٿيڻ سبب عام ماڻهو ترقيءَ جي لفظ کان ڀئو کائڻ لڳو آهي. ٿوري ڪوشش سان عوام جا اهنج گهٽائي ترقياتي رٿون عمل ۾ آڻڻ ناممڪن ناهي پر جيئن ته اسان جون حڪومتون عوامي مفادن ۽ حقن جي تحفظ ۽ قدرتي وسيلن جي بچاءُ کي ترقيءَ جو لازم جز نٿيون سمجهن، تنهنڪري ترقي عام ماڻهن لاءِ فائدي کان وڌيڪ اهنج کڻي ٿي اچي. جيڪڏهن وڌيڪ نه ته رڳو هر وڏي ترقياتي رٿا جي “ماحولياتي ۽ سماجي اثرن جي ڪٿ” وارو اڀياس ٺيڪ طرح سان ڪرائجي ته شروعاتي مرحلي تي ئي اهو طئي ٿي سگهي ٿو ته ان رٿا تي عمل ڪجي يا نه ڪجي يا ان لاءِ مختلف طريقو/رستو استعمال ڪجي. ٻيو ته جيڪڏهن ماحولياتي تحفظ ۽ سماجي حقن جي تحفظ کي مدنظر رکندي ان رٿا تي عمل ڪرائجي ته پوءِ ان مقصد لاءِ فريم ورڪ ۽ نگرانيءَ کي ڪيئن يقيني بڻائجي، اها ڳالهه چوڻ سولي آهي پر ڪرڻ ۾ ڏکي آهي، ڇو ته عام طور تي سرڪار کي رٿائن تي عمل ڪرڻ جي تڪڙ هوندي آهي ۽ ٺيڪيدارن/خانگي ڪمپنين کي ماحولياتي ۽ سماجي حقن جي تحفظ بابت ڪنهن پڇاڻي جي ڳڻتي ناهي هوندي، تنهنڪري وڏين ترقياتي رٿائن تي عمل وقت انهن جي لتاڙ ڪرڻ سولي هوندي آهي.

مان پنهنجي ڪيريئر جي اهڙين رٿائن تي ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ مختلف تجربا ٿيا آهن. هڪ بين الاقوامي ڪمپني پريميئر آئل کيرٿر نيشنل پارڪ جي انتهائي حساس ماڳ ۾ گئس جي ڳولها واري رٿا ۾ ڪم ڪندي مون ڏٺو ته ڪمپنيءَ جا پرڏيهي عملدار ڪيئن قدرتي وسيلن واري معاملي تي غير معمولي سنجيدگي ڏيکاريندا هئا ۽ ننڍي کان ننڍي ڀڃڪڙي رپورٽ ٿيڻ تي به سخت پڇاڻو ٿيندو هو. ان وقت سنڌ جي ماحولياتي تحفظ وارو ادارو به گهڻو بهتر هو. ساڳي ڪمپنيءَ سان بلوچستان جي زرغون/هرنائي واري صنوبر جي ٻيلن واري نازڪ ماحول ۾ ڪم ڪندي به کين ماحوليات ۽ مقامي آباديءَ بابت تمام گهڻو سنجيده ڏٺم. ان کانپوءِ ٿر ۾ بلاڪ ٽو واري رٿا تي ڪم ڪندي مقامي آباديءَ جي نئين سر آبادڪاري، مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ سندن بنيادي سماجي ترقيءَ بابت ڪم جو معيار سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي ڪمپنين کان گهڻو بهتر ڏٺم. سنڌ حڪومت ۽ اينگرو جي اها رٿا ڪيترين ئي کوٽن جي باوجود هڪ گهڻو بهتر مثال آهي. جيئن ته اسان وٽ ڪنهن چڱي ڪم کي چڱو چوڻ جي روايت گهٽ آهي، تنهنڪري ان رٿا جي چڱن پاسن کي مڃتا ناهي ڏني وئي. عام طور تي پرڏيهي ڪمپنيون، خاص ڪري جن جي انتظاميا يورپي ملڪن جي هوندي آهي، اهي ماحولياتي ۽ عوامي حقن واري معاملي کي ڪافي سنجيدگيءَ سان وٺنديون آهن، جڏهن ته ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي مڪاني ڪمپنيون ان معاملي ۾ گهڻي ڀاڱي لاپرواهه هونديون آهن.

ڪارونجهر جهڙي حساس ماڳ تي گرينائيٽ جي کوٽائيءَ وارو ڪم ڊگهي عرصي کان روايتي لتاڙ واري طريقي سان هلندو رهيو آهي. سٺي ڳالهه آهي ته هاڻي سوشل ميڊيا وسيلي ان معاملي تي ائين ئي عوامي اڀار آيو، جيئن جاڙن ٻيٽن، ذوالفقار آباد ۽ بحريه رٿائن تي ٿيو. ٻيٽن، ذوالفقار آباد ۽ بحريه واري رٿائن تي به جيڪڏهن پئسي جي هٻڇ ۽ اٻهرائي بجاءِ بهتر رٿابندي، مقامي آبادين جي زمينن ۽ حقن جي تحفظ بابت ڪو ساکائتو فريم ورڪ ٺهي ها ۽ مقامي آبادي، سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي سان ڳالهه ٻولهه وسيلي ان بابت ڪو طريقيڪار جڙي ها ته شايد اهي رٿائون به تڪراري بڻجڻ بدران عوامي لاڀ جو ذريعو بڻجي سگهن ها. سڌريل ملڪن ۾ ان قسم جي رٿائن تي هڪ ڊگهي رٿابندي، ڊائلاگ ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ وارن مرحلن کانپوءِ عمل درآمد ٿئي ٿو ۽ عوام انهن رٿائن جي آجيان به ڪري ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ حڪمرانن توڙي ٺيڪيدارن کي منافعي ڪمائڻ جي ايتري ته تڪڙ ۽ هٻڇ آهي، جو هو ان سڄي عمل ۾ وڃڻ ۽ اصولن جي پاسداري ڪرڻ بجاءِ ڏاڍ ۽ رشوت وسيلي رٿائن کي بنا دير عمل ۾ آڻڻ لاءِ آتا هوندا آهن. نتيجي ۾ اهي رٿائون تڪراري بڻجي وڃن ٿيون.

ڪارونجهر جي ماحولياتي ۽ ثقافتي حساسيت کي ذهن ۾ رکندي اتي معدني وسيلن جي کوٽائيءَ بابت ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ساکائتي پرڏيهي اداري کان ان علائقي جو جامع اڀياس ڪرايو وڃي. هن خطي جي حساسيت کي ڏسندي گهڻو ڪري ته اهڙو اڀياس ان علائقي ۾ ڪمرشل سرگرميءَ بجاءِ ان کي قدرتي ماڳ، فطري وهڪرن واري زراعت ۽ ماحولياتي سياحت وارو ماڳ قرار ڏيڻ جي رٿ ڏيندو. جيڪڏهن اهڙو اڀياس ڪمرشل سرگرمي جي ڪا تجويز ڏيندو ته ان جي به مقامي ماهرن ۽ عوام کان ڪٿ ڪرائڻ گهرجي ته ڇا ڪهڙي به طرح اتي ماحوليات، ثقافت ۽ تهذيبي ورثي کي هاڃو پهچائڻ کانسواءِ اهو عمل ممڪن آهي؟ ڪارونجهر جي مجموعي بيهڪ سبب اهو مشڪل ٿو لڳي. ان کانسواءِ ڪارونجهر جي مکيه رستن سان ڳنڍجڻ سبب عوام جي اچ وڃ وڌڻ ۽ ماحولياتي تحفظ جي ضابطن لاڳو نه هجڻ سبب پڻ اتي ماحولياتي سرشتي کي هاڃو رسي سگهي ٿو. ساڳي طرح ان علائقي ۾ وڏي انگ ۾ شمسي ٽيوب ويلن وسيلي پوکي ۾ تيزي سان ٿيندڙ واڌ کي به ضابطي ۾ آڻڻ گهرجي. اهي اثر معدنياتي سرگرميءَ جيان مقامي ماحوليات کي به هاڃو رسائي رهيا آهن. ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ يا عالمي ماحولياتي ماڳن جي فهرست ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ پڻ گهربل اڀياس ضروري آهي. جيڪڏهن اهو اڀياس ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيڻ جي معيارن کي پورو ڪري ته بنا دير اتي ماحولياتي ضابطن جو نظام لاڳو ڪري ان کي محفوظ ماڳ قرار ڏئي ڇڏجي.

بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ نيشنل پارڪ ۽ رامسر سائيٽ قرار ڏنل ڪيترن ماڳن جي به ماحولياتي تحفظ کي اورانگهيو وڃي ٿو. ملڪ جي ثقافتي، تهذيبي ۽ ماحولياتي ماڳن لاءِ گهربل ضابطن تي عمل ڪرائڻ وارا ادارا ڪمزور آهن ۽ اهي ڳالهيون حڪمرانن جي به اوليت ناهن. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ماڳن ۾ جڏهن به ڪنهن ڪاروباري سرگرمي يا ترقياتي رٿا جي ڳالهه ٿئي ته عوام ان جي مخالفت ڪري ٿو. عام ماڻهن جي ترقياتي عمل بابت خدشا بي بنياد ناهن، ڇو ته ان جي پٺيان ڀڃڪڙين جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.

Leave A Comment