| حسنين مرزا سان ڇو مليا؟ ٽنڊي محمد خان ۾ سرهندي پيرن جي مال پڙي بند ڪرائڻ جي ڪوشش |
ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: قاضي شمس ٻانڀڻ) ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ مخالف اتحاد جي اڳواڻ پير احمد سعيد جان سرهندي وٽ اڳوڻي ايم پي اي حسنين مرزا جي اچڻ کانپوءِ سندس خلاف انتقامي ڪاروائين ذريعي سندس ذاتي ملڪيت واري مال پڙي بند ڪرائڻ لاءِ پوليس جا اٽالا پهچڻ شروع ٿي ويا ، ٽنڊو محمد خان جي ٽنڊوسائينداد ۾ پ پ مخالف اتحاد جي اڳواڻ پير احمد سعيد جان سرهندي ، اڳوڻي ضلعي نائب ناظم پير اشفاق جان سرهندي ، آغا عبدالرحمان جان سرهندي ، پير عاصم جان سرهندي هنگامي پريس ڪانفرنس ذريعي چيو آهي ته پ پ ايم پي اي اعجاز حسين شاھ بخاري گذريل چونڊ مرحلي ۾ سندس مخالفت ۾ شهري علائقي مان وڏي اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪندڙ پ پ مخالف ايم پي اي جي سيٽ تي اليڪشن ڪندڙ پير احمد سعيد جان سرهندي جي خلاف مسلسل انتقامي ڪاروائين جو سلسلو جاري رکيو آهي ، جنهن ۾ هاڻي اڳوڻي ايم پي اي حسنين مرزا جي ٽنڊوسائينداد ۾ ذاتي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ تي حڪومتي ڌر پوليس جي اٽالن سان مال پڙي کي سيل ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪرائي ڇڏيون جنهن ۾ آچر واري ٽنڊوسائينداد مال پڙي ۾ رات جي وقت کان ڪراچي ، حيدرآباد ، بدين ، سجاول ٺٽي سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان چوپايو مال جي وڪري لاءِ ايندڙ واپارين جي گاڏين کي پوليس رستن تي روڪي زبردستي غيرقانوني طور واپس ڪري رهي آهي مال پڙي ذاتي ملڪيت واري پلاٽ تي قائم آهي جنهن جي عدالت کان اجازت نامي باوجود پوليس بنا ڪنهن سبب حڪومتي ڌر جي انتقامي سياسي ڪاروائي طور پنهنجي پوليس گيري جو غلط استعمال ڪري رهي آهي ، ٽنڊو محمد خان جي مال پڙي مان زبردستي ڀتا خوري ڪرڻ ۽ ڀتي نه ڏيڻ تي پڻ اڳ به پوليس جي ذريعي ڪاروائيون ڪيون ويون آهن پر هاڻي غيرقانوني پوليس جي ڪيل ڪاروائين جي انتها ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري پ پ جي مخالفت جي اتحاد ۾ شامل اڳواڻن توڙي مال پڙي جي ڪنهن به ملازم کي جاني مالي نقصان رسايو ويو ته ان جي سموري ذميواري پ پ جي ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، ڊي سي ڌرمون ڀاواني ، ايس ايس پي حسيب جاويد سومار ميمڻ جا ذميوار رهندا ، هنگامي پريس ڪانفرنس ذريعي چيف جسٽس آف پاڪستان ، چيف آف آرمي اسٽاف ، وزيراعظم پاڪستان ۽ اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٽنڊو محمد خان جي ٽنڊوسائينداد مال پڙي کي غيرقانوني طور پوليس جي ڪاروائين ذريعي بند ڪرائڻ جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي ۽ پوليس جي ڪاروائين کي روڪيو وڃي ، ڪنهن وڏي جاني مالي نقصان رسڻ کان اڳ قدم کنيو وڃي ، ٻي صورت ۾ ٽنڊو محمد خان جي اندر ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو .