حسن سھتي غيرقانوني ترقيون ماڻيون: آءِ جي به خط لکي ڇڏيو
مَي 14, 2025
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي جيلن واري کاتي جي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ۾ اختلاف وڌي ويا، ڊي آءِ جي کانپوءِ آءِ جي قاضي نظير پڻ چيف سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (هوم) کي خط ڇڏيو، محمد حسن سھتو جي ترقين جي اعليٰ سطحي جاچ جي سفارش، ان ڏس ۾ آءِ جي جيلز قاضي نظير پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته 26 فيبروري تي اڳوڻي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ ڪامران شيخ چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارن کي ھڪ درخواست اماڻي ڊي آءِ جي جيلز محمد حسن سھتو تي سنگين الزام لڳايا ھئا، درخواست ۾ حسن سھتي جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کان ڊي آءِ جي واري عھدي تي پھچڻ تائين ترقين تي سوال اٿاريا ويا ھئا. آءِ جي خط ۾ ڄاڻايو ته اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آھي ته محمد حسن سھتو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کان ڊي آءِ جي تائين ضابطن خلاف ترقيون ماڻيون، هن 2023ع ۾ ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر جي نئين پوسٽ تخليق ڪرائي انهي پوسٽ تي وري ترقي ماڻي، محمد حسن سھتو ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ ۽ ترقيون ماڻڻ لاءِ غيرقانوني طريقا اختيار ڪيا، سندس ترقين جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي، واضح رهي ته انهي کان اڳ ڊي آءِ جي محمد حسن سھتو آءِ جي جيلز خلاف چيف سيڪريٽري کي خط لکي چڪوآهي، جنهن ۾ هن آءِ جي مٿان ڌمڪين ۽ گارگند جا الزام لڳايا هئا، آءِ جي جا اهڙا آڊيو ميسيج پڻ وائرل ٿيا هئا.
آءِ جي ذاتي انا تي لھي آيو آھي، برطرف ملازم کان درخواست ڏياري اٿس: سهتو
ڪراچي: ڊي آءِ جي جيل حسن سھتو موجب آءِ جي ھڪ برطرف ملازم کان سندس خلاف زبردستي درخواست ڏياري آھي، اها ڳالهه منھنجي سمجهه کان ٻاھر آھي، هن چيو ته منھنجي ترقيون قانون موجب ٿيون آھن، جنھن جي ڄاڻ جيل کاتي کي آهي، هن چيو ته آءِ جي جيلز ذاتي انا تي لھي آيو آھي، منھنجي خلاف ٻيو ڪو ثبوت نه هجڻ تي ھڪ برطرف ملازم کي استعمال ڪيو پيو وڃي.