حسن مقابلي ۾ هارائيندڙ عورت جي مڙس فاتح کان تاج کسي ورتو

مَي 31, 2023

برازيليا ( شوبز نيوز) حسن جي مقابلي ۾ زال کي پهريون نمبر نه ملڻ تي مڙس فاتح عورت کان تاج ڦري زمين تي اڇلائي ڇڏيو

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برازيل ۾ حسن جي فائينل مقابلي ۾ پهتل نٿالي  پيڪر ۽ ايمانيولي  بيليني مان هڪ کي تاج پارائڻو هو

جيئن ئي امانيولي بيليني کي فاتح قرار ڏئي تاج پارائڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي ته ٻيون نمبر ايندڙ ٿنالي جو  مڙس اسٽيج تي اچي عورت کان تاج کسي زمين تي اڇلائي ٿو

مڙس پنهنجي گهر واري ٿنالي جو هٿ پڪڙي هن کي وٺي وڃي ٿو ان سڄي لقاءَ تي ڏسندڙن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون

Leave A Comment