| حسين آباد کان اسڪائوٽ گرائونڊ تائين 10 ڪلوميٽر فاصلو |
خيرپور: ميراٿن جو پهريون پوائنٽ حسين آباد کان اسڪائوٽ گرائونڊ تائين 10 ڪلوميٽر رکيو ويو. کٽندڙ رانديگرن لاءِ ضلعي اسپورٽس کاتي طرفان 50 هزار ۽ 25 هزار رپين جا انعام رکيا ويا. تقريب ۾ اي ڊي سي رياض حسين شيخ، اي ڊي سي اقبال حسين جنڊان، ڊائريڪٽر اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو، فوڪل پرسن هماءَ رضوان، پروفيسر مقصوده ڀٽي، مونا شاه، حنا شاه، قربان چاچڙ، يار محمد ڦلپوٽو، يوٿ ڪونسل جي ڪامران شاهه، ڪاشف سميت مختلف شعبن جي آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.