حسين بخش مري: خانگي اسپتال ۾ ٻالڪ فوت، وارثن جو احتجاج

حسين بخش مري: خانگي اسپتال ۾ ٻالڪ فوت، وارثن جو احتجاج

حسين بخش مري (ن پ ا) ميرپورخاص جي علائقي سٽلائٽ ٽائون جي رھائشي محمد وسيم جو تازو ڄاول ٻار خانگي اسپتال محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويو. جنهن خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. وارثن موجب تازي جاول ٻار کي علاج لاء خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي ٻار جا مختلف ٽيسٽ ڪرائڻ بعد ٻار کي داخل ڪيو ويو جتي ٻار جو علاج صحيح نه ڪرڻ تي ٻار جو موت لڳ ڀڳ رات جو هڪ وڳي ٿي ويو هو. هئي ان وقت ڊاڪٽر ۽ عملو پنهنجين آفيسن جا ڪمرا بند ڪري ستل هئا. ڪنهن به ٻار جي سار نه لڌي. ٻار جي موت جي 6 کان 7 ڪلاڪ بعد اسان کي صبح جو 8 وڳي اطلاع ڏنو ويو، جنهن تي اسان اسپتال جي ڊاڪٽر نديم کي چيو ته اسان کي اسپتال جي ڪنهن سينئر ڊاڪٽر سان ملايو. جنهن تي اسان کي گٿا لفظ ڳالهائيندي بدتميزي ڪئي. هنن چيو ته ٻار جي موت ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غفلت سبب ٿيو آهي اسپتال جي انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. واقعي جي اطلاع تي اسپتال جو ايم ايس ۽ ۽ پراڻي ميرپور ٿاڻي جي پوليس اسپتال پهتي جتي محمد ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي ايم ايس واقعي جي جاچ لاء پروفيسر محمد حسن، پروفيسر شبير ۽ ڊاڪٽر نديم تي جاچ ڪاميٽي قائم ڪري رپورٽ جي آڌار تي ڪارروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو ايم ايس صحافين کي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ لاء ٽن سينئر ڊاڪٽرن جي ڪاميٽي جوڙي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪئي آهي ڊاڪٽرن يا عملي جي ڪوتاهي ثابت ٿيڻ تي ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.