| حسين بخش مري: هفتو اڳ نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار |
حسين بخش مري (ن پ ا) هڪ هفتو اڳ ميرپورخاص جي علائقي مالهي ڪالوني جي رهواسي نوجوان شمن علي مري کي جوابدارن پاران گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد ميرو خان جي رهواسي مُک جوابدار سجاد چانڊيو کي مهراڻ ٿاڻي جي پوليس ڳجھي اطلاع ملڻ تي ڪوري ڳوٺ لڳ ڇاپو هڻي گرفتاري ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري جوابدار جو ٻن ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني جڏهن ته نوجوان شمن مري جي قتل ڪيس ۾ نامزد عورت سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.