حسين دھغان – نالو ياد رکو! … عارف انيس

                 اصفهان جي ضلعي دھاقان ۾ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي، پوده. 2 مارچ 1957 تي اتي ھڪ ٻارڙي جنم ورتو. حسين دھغاني پوده. نالي ۾ ڳوٺ جو نالو شامل آھي. ھي ماڻھو پنھنجي ڀوميءَ جو نالو ڪڏھن به ڌار نٿو ڇڏي. نه ڪو ناميارو خاندان. نه جاگير. نه سياسي وراثت. ھڪ عام ڳوٺاڻو گھراڻو. ڇوڪري پھرين ڌاتو سازيءَ ۾ ماسٽرز ڪئي. پوءِ تهران يونيورسٽيءَ مان مينيجمينٽ سائنسز ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڌاتو ڳارڻ ۽ پگھارڻ وارو ماڻھو پوءِ رياستون ڳارڻ لڳو. پر اھا ڳالھ پوءِ جي آھي.

1979. خميني انقلاب. حسين دھغان 22 سالن جو آھي. تهران يونيورسٽيءَ جو شاگرد. انقلاب اچي ٿو ته ڪتاب رکي پاسدارانِ انقلاب ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. بلڪل شروعاتي ڏينھن ۾. جڏھن تنظيم ٺھي رھي ھئي، ڍانچو بيھجي رھيو ھو، ان ئي وقت.

                 4 نومبر 1979. تهران ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو ٿيو. 52 آمريڪي سفارتڪار يرغمال بڻايا ويا. 444 ڏينھن قيد ۾ رکيا ويا. حسين دھغان ھن حملي ۾ شامل ھو. ايراني ميڊيا پوءِ سندس تصوير شايع ڪئي، جنھن ۾ ھو ھڪ آمريڪي سفارتڪار سان گڏ بيٺو آھي، جنھن جون اکيون ٻڌل آھن. انقلابي سند طور. ڄڻ اھا تصوير سندس سڃاڻپ بڻجي وئي. ان کان فوراً پوءِ، 23 سالن جي عمر ۾، کيس پاسدارانِ انقلاب جي تهران ڊويزن جو ڪمانڊر بڻايو ويو. 1980 کان 1982 تائين. ان دؤر ۾ نئين اسلامي جمهوريه جي مخالفن خلاف سخت ڪارروائي ٿي. دھغان ان ڪارروائيءَ جي نگراني ڪندڙن ۾ شامل ھو. ڪيترن مخالفن کي موت جي سزا ڏني وئي.

هتي هڪ گھڙي ترسي سوچيو. ٽيهه سالن جي عمر. گاديءَ واري شهر جو فوجي ڪمانڊر. زندگي ۽ موت جا فيصلا. دنيا جا گهڻا نوجوان هن عمر ۾ يونيورسٽي جي ڊگري حاصل ڪري رهيا هوندا آهن. هي شخص رياست جي دشمنن بابت فيصلا ڪري رهيو هو.

1982. اسرائيل لبنان تي حملو ڪيو. ايران دھغان کي لبنان ۽ شام موڪلي ڇڏيو. وادي بقاع ۾. عمر 25 سال. اتي پاسدارانِ انقلاب جي تربيتي فورس جو ڪمانڊر بڻيو. انهيءَ ئي دؤر ۾ جيڪا تنظيم ٺهي رهي هئي، جنهن کي پوءِ دنيا حزب الله جي نالي سان سڃاڻڻ لڳي، ان جي بنياد وجهندڙن ۾ دھغان جو نالو اچي ٿو. هن حزب الله کي پاسدارانِ انقلاب جي ڍانچي ۾ سمائيو. حسن لقيص کي پنهنجو بيورو چيف مقرر ڪيو، جيڪو اڳتي هلي حزب الله جي اعليٰ ترين ڪمانڊرن ۾ شمار ٿيو.

هاڻي اصل واقعو:

23 آڪٽوبر 1983. بيروت. صبح جو وقت. آمريڪي بحري پيادل فوج جي بيرڪن تي هڪ ٽرڪ بم ڦاٽو. 241 آمريڪي فوجي مارجي ويا. ساڳئي ڏينهن فرانسيسي فوجي بيرڪن تي الڳ حملو ٿيو. 68 فرانسيسي مارجي ويا. عالمي سياست جو رخ بدلجي ويو. آمريڪا کي لبنان مان نڪرڻو پيو.

يروشلم سينٽر فار پبلڪ افيئرز جي ماهر شمعون شاپيرا جي تحقيق مطابق دھغان ۽ لقيص گڏجي هن حملي جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي خزاني واري کاتي 2019 ۾ دھغان تي انهيءَ بنياد تي پابنديون لڳايون. پابندين جي دستاويز ۾ صاف لکيل آهي ته دھغان 1983 ۾ لبنان ۽ شام ۾ پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر هو، جڏهن بيروت ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي حملو ٿيو. اتان کان پوءِ دھغان جي زندگي هڪ عجيب موڙ وٺي ٿي.

ايران- عراق جنگ شروع ٿي چڪي هئي. دھغان واپس آيو ۽ پاسدارانِ انقلاب جي فيصلا ساز ڪمانڊرن ۾ شامل ٿي ويو. محسن رضائي، رحيم صفوي، علي شمخاني سان گڏ. انهن کي آيت الله جي 13 جنرلن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن 8 سالا جنگ جي تقدير لکي. 1986 ۾ پاسداران جي فضائيه جو نائب ڪمانڊر بڻيو. 1990 ۾ ڪمانڊر. 1992 ۾ گڏيل عسڪري عملي جو نائب سربراهه. برگيڊيئر جنرل جو عهدو مليو.

هاڻي عجيب ڳالهه اھا آهي:

ايران ۾ سياسي دنيا ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: اصلاح پسند ۽ سخت گير. ٻئي هڪ ٻئي کي پسند نٿا ڪن. پر حسين دھغان اها نرالي شخصيت آهي، جنهن تي ٻنهي ڌڙن کي اعتماد آهي. صدر محمد خاتمي جي دؤر ۾ بچاءُ واري وزير جو نائب رهيو. صدر احمدي نجاد جي دؤر ۾ نائب صدر ۽ بنيادِ شهيد جو سربراهه بڻيو. پوءِ احمدي نجاد سان اختلاف ڪيو، الڳ ٿيو، ۽ اعتدال پسند حسن روحاني جي جماعت ۾ شامل ٿي ويو. 2013 ۾ روحاني هن کي وزير دفاع بڻايو. مجلس ۾ 279 ووٽ حق ۾ آيا، رڳو 10 خلاف. اها اعتماد جي سطح غيرمعمولي آهي. جڏهن کانئس ڪنهن پڇيو ته روحاني ٻي مدي ۾ کيس ٻيهر وزير دفاع ڇو نه بڻايو، ته دھغان چيو: “خدمت مقصد هجي ته رنجش بي معنيٰ آهي.” هي جملو ياد رکو. هن جملي ۾ انسان جو مزاج پوشيده آهي.

وزارتِ دفاع دوران، 2016 ۾ چين سان دهشتگردي جي خلاف معاهدو ڪيو. ساڳئي سال روس سان هٿيارن جو سودو ڪيو. مجلس تفصيل گهريا ته جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. ان وقت مجلس جو اسپيڪر علي لاريجاني هو.

لاريجاني، دھغان تي مجلس جي توهين جو الزام لڳايو. پوءِ دھغان روس سان فوجي سهڪار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايراني تجزيه نگارن موجب دھغان کي روس پسند ناهي. سعودي عرب کي ڌمڪي ڏنائين ته جيڪڏهن ڪا ناداني ڪئي وئي ته مڪي ۽ مديني کانسواءِ ٻي ڪا به جاءِ محفوظ نه رهندي.

2020 ۾ جڏهن قاسم سليماني آمريڪي حملي ۾ مارجي ويو، ته آيت الله خامنه اي جوابي ڪارروائي جي تياري دھغان جي نگراني ۾ ڪرائي. ان وقت هو خامنه اي جو اعليٰ ترين فوجي صلاحڪار هو. آمريڪي خابرو اداري سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي ھن چيو: “هن جنگ کي ختم ڪرڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته آمريڪين کي اوترو ئي وڏو ڌڪ لڳي، جيترو ڌڪ انهن اسان کي رسايو آهي.” ۽ واضح ڪيو ته نشانو صرف فوجي اڏا هوندا.

2021 ۾ ھن صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو. تنقيد ٿي ته جيڪڏهن فوجي ماڻهو صدر بڻيو ته سياست ۾ فوج جو اثر وڌندو. پر آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ چئي ڇڏيو ته دھغان جي سوانح حيات ايران جي “مڪمل سلامتي آفيسر” جي جامع فهرست آهي. هر دؤر ۾، هر حڪومت ۾، هر محاذ تي ھو موجود رهيو.

…. ۽ هاڻي سڀ کان دلچسپ ڳالهه:

2023 کان دہغان بنياد مستضعفان جو سربراهه آهي. هي ايران جي قومي تيل ڪمپني کان پوءِ ملڪ جو ٻيو وڏو تجارتي ادارو آهي. وچ اوڀر جي سڀ کان وڏي هولڊنگ ڪمپني. ساڍا ٽي سئو کان وڌيڪ ذيلي ڪمپنيون. ٻن لکن کان وڌيڪ ملازم. کاڻيون کوٽڻ، زراعت، تعمير، توانائي، سياحت، ٽرانسپورٽ، بينڪنگ – سڀ شامل آهن. ايران جا 40 سيڪڙو مشروبات انهيءَ بنياد تحت تيار ٿين ٿا. ٻه وڏيون اخبارون، “اطلاعات” ۽ “ڪيھان”، به انهيءَ جي انتظام هيٺ آهن. هن بنياد جا اثاثا هڪ ڏهاڪي کان پوءِ 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويا هئا. اھا سڌو سنئون آيت الله جي ماتحت آهي. نه حڪومت جو ڪو عمل دخل، نه مجلس جي نگراني.

ڳوٺ پوده جو اهو ڇوڪرو هاڻي ايران جي سڀ کان وڏي معاشي سلطنت هلائي رهيو هو. ۽ هاڻي 19 مارچ 2026. علي لاريجاني جي شهادت کان پوءِ انهيءَ ئي شخص کي سپريم قومي سلامتي ڪائونسل جو سربراهه بڻايو ويو آهي.

هاڻي ٿورو پوئتي مڙي پوري تصوير ڏسو:

28 فيبروري 2026. آمريڪا ۽ اسرائيل جو گڏيل حملو. آمريڪي مرڪزي خفيه اداري هنڌ ٻڌايا، اسرائيلي جهازن بمباري ڪئي. آيت الله خامنه اي مارجي ويو. وزير دفاع عزيز نصيرزادہ مارجي ويو. هٿياربند فوجن جو سربراهه عبدالرحيم موسوي مارجي ويو. پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر محمد پاڪپور مارجي ويو. دفاعي ڪائونسل جو سيڪريٽري علي شمخاني مارجي ويو. ايٽمي سائنسدان به مارجي ويا. آمريڪي خابرو اداري سي بي ايس خفيه ذريعن جي حوالي سان 40 اعليٰ عهديدارن جي موت جي تصديق ڪئي. ٽرمپ 48 جي دعويٰ ڪئي. پوءِ 17 مارچ تي لاريجاني ۽ بسيج ڪمانڊر غلام رضا سليماني، ۽ 18 مارچ تي وزير اطلاعات اسماعيل خطيب مارجي ويا.

جون 2025 جي 12 ڏينهن واري جنگ الڳ. ان ۾ به ڪيترائي اعليٰ فوجي ڪمانڊر اڳ ئي مارجي چڪا هئا. 

دنيا ۾ ڪهڙي قوم آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو اڳواڻ مارجي وڃي، وزير دفاع مارجي وڃي، فوج جو سربراهه مارجي وڃي، خفيه ادارن جو سربراهه مارجي وڃي، سلامتي ڪائونسل جو سربراهه مارجي وڃي، ايٽمي سائنسدان مارجي وڃن، ۽ پوءِ به اها نه لڏي؟ايران هڪ هفتي ۾ نئون آيت الله بڻائي ڇڏيو. نئون پاسداران ڪمانڊر مقرر ڪري ڇڏيو. ۽ هاڻي حسين دھغان سلامتي ڪائونسل جو سربراهه بڻجي ويو آهي.

هاڻي ڪجھه فرق سمجهو!

لاريجاني ڪير هو؟ تهران يونيورسٽي مان مغربي فلسفي ۾ تعليم يافته. 12 سال مجلس جو اسپيڪر. مذاڪرات ڪار. اهو ماڻهو جنهن جي ذريعي ٻاهرين دنيا ايران سان ڳالهائي سگهندي هئي. امن جي بين الاقوامي اداري جي صدر زيد رعد الحسين چيو ته لاريجاني اهو واحد شخص هو، جنهن وسيلي ٻاهرين دنيا پاسدارانِ انقلاب سان ڳالھيون ڪري سگهندي هئي. جنوري 2026 کان ايران جو عملي حڪمران.

هاڻي ان جي جاءِ تي ڪير آيو آهي؟ اهو ماڻهو جيڪو 22 سالن جي عمر ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي ۾ شامل هو. جنهن 25 سالن جي عمر ۾ حزب الله جو بنياد رکرايو. جيڪو بيروت بمباري جي اهم منصوباث ڪندڙن مان هو. جنهن تي آمريڪي پابنديون آهن. جنهن سعودي عرب کي ڌمڪي ڏني ته مڪي ۽ مديني کانسواءِ ڪجهه به محفوظ نه رهندو. جنهن چيو ته آمريڪا کي اوترو ئي وڏو ڌڪ رسڻ گهرجي، جيترو هن رسايو آهي.

ايران جو پيغام صاف آهي: توهان اسان جو مذاڪرات ڪار ماريو، اسان جنگجو موڪليو.

سبب ڪھڙا آھن؟

پهريون سبب: ايران چاليهه سالن کان هن جنگ جي تياري ڪري رهيو هو. پهرين صف جي پٺيان ٻي صف تيار هئي. ٻي جي پٺيان ٽين. هر عهدي لاءِ متبادل اڳواٽ طئي ٿيل هو. هي جانشيني جي منصوبابندي آهي، جيڪا دنيا جي گهڻن ملڪن وٽ ناهي. 

ٻيو سبب: ايران ۾ وڏيرن جي سياست ناهي. دھغان پاڻ ان جو ثبوت آهي. اصفهان جي هڪ ڳوٺ جو ڇوڪرو. نه سياسي خاندان، نه جاگير، نه فوجي وراثت. ڌاتو سازي پڙهيائين. پاسداران ۾ ويو. ميدان ۾ ڪم ڏيکاريائين. مٿي آيو. انهيءَ ڪري متبادل ماڻهن جو ذخيرو گهرو آهي.

ٽيون سبب: آيت الله جو ادارو. هي صرف سياسي عهدو ناهي، پر مذهبي اقتدار آهي. ادارا انهيءَ اقتدار هيٺ پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ٿا. ھڪٻئي سان ٽڪراءُ، جيڪو بحران جي وقت ملڪن کي تباهه ڪري ٿو، ايران ۾ ان جي شدت گهٽ آهي. ادارن ۾ نظم و ضبط آهي. پر هن کي رومانوي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت ناهي. جنوري 2026 ۾ انهيءَ ئي ايراني حڪومت پنهنجي ئي عوام تي فائرنگ ڪرائي. هزارين احتجاجي مارجي ويا. خود لاريجاني انهيءَ ڪريڪ ڊائون جو مرڪزي منصوبابندي ڪندڙ هو. هيءَ ڪا مثالي رياست ناهي. اندر کان گهڻو ڪجهه ٽٽل آهي.

پر هڪ حقيقت، حقيقت ئي آهي.

قومون اڳواڻن سان نٿيون ٺهن، پر نظامن سان ٺهن ٿيون. جڏهن نظام مضبوط هجي ته اڳواڻ مارجي وڃي، پر نظام نٿو مري. جڏهن نظام ڪمزور هجي ته هڪ ماڻهو هٽي وڃي ته سڀ ڪجهه ٽٽي پوي ٿو.

ڳوٺ پوده جو ڇوڪرو اڄ 68 سالن جو آهي. اڌ صديءَ جو جنگي، سياسي ۽ انتظامي تجربو رکي ٿو. مريم تاج زاده سان شادي ٿيل اٿس. ٽي ٻار آهن. ايران جي سڀ کان وڏي معاشي سلطنت هلائي چڪو آهي. ست صدرن سان ڪم ڪري چڪو آهي. اصلاح پسندن ۽ سخت گيرن ٻنهي جو اعتماد حاصل ڪيو آهي، جيڪو ايران ۾ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي. 2009 ۾ جڏهن Green Movement عروج تي هئي، تڏهن هن مير حسين موسوي کي صلاح ڏني ته چونڊ نتيجا قبول ڪريو ۽ خامنه اي کي خط لکو. سخت گير آهي، پر سياسي شعور رکي ٿو.  

ايراني تجزيه نگار هن بابت ٽي غير معمولي ڳالهيون ڪن ٿا. پهرين اها ته هن کي ڏيکاءُ کان نفرت آهي. ٻي اها ته هن کي روس پسند ناهي. ٽين اها ته امام رضا سان هن کي عجيب عقيدت آهي.

يار، ڳالهه چٽي آهي!

توهان هڪ کي ماريندا آهيو ته جيڪو ٻيو اچي ٿو، اهو اڳئين کان ٻه هٿ اڳتي هوندو آهي. لاريجاني فلسفي هو. دھغان جنگجو آهي. لاريجاني ڳالهائي سگهيو پئي. ڳالهين جو دروازو کولائي سگهيو پئي، جڏهن ته دھغان ڳالهين جو دروازو کولڻ کان وڌيڪ توپ جو منهن کولڻ وارو ماڻهو آهي.

حسين دھغان – نالو ياد رکو!

(پاڪستان ڄائو، برطانيا جي شهريت رکندڙ ھي ليکڪ، يو ايس اي ٽوڊي ۽ وال اسٽريٽ جرنل جو بيسٽ سيلنگ قلمڪار، پاليسي اينالسٽ، امن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ڪيترائي عالمي ايوارڊ حاصل ڪندڙ ساڃاهه وند آھي.)