تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

(حصو ٻيون) … دنيا جا تنقيدي لاڙا ۽ انھن جو سنڌي سماج تي اثر … جسارت الياس سنڌي

سنڌ ۾ عام طور تي جيڪي موضوع ھروڀرو جي يعني اجائي تنقيد جا شڪار ٿين ٿا انھن ۾ عورتن جا حق، ٻي يا ٻيھر شادي، جنسي اڻ برابري يا وري جنسي تعليم يا آگاھي، سياسي موضوع، سنڌ جي تعليم جي بھتري خاص ڪري ڪاپي ڪلچر خلاف لکيل مواد ۽ چند مذھبي عنوانن کان علاوہ سياسي سماجي موضوع وغيرہ شامل آھن. انھن موضوعن تي عام ماڻھو به آرام سان پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري سگھي ٿو جيڪو ان ڳالھه طرف اشارو آھي ته تنقيد ڪرڻ گھٽ ۾ گھٽ اڄ يعني ايڪھين صديءَ ۾ انساني فطرت ۾ اچي چڪي آھي. ھاڻي اچو ته دنيا جي مختلف علمن ۾ تنقيد جي روايتن کي ڏسون.
تنقيد ۽ سائنس:
سائنسدان سماجي ۽ ڪنھن به مسئلي تي مروج اصولن تحت تحقيق ڪري جنھن نتيجي تي پھچندا آھن ان کي تحقيقي مقالي جي صورت ۾ ڇاپڻ سان گڏ زباني طور مختلف سائنسي ويھڪن جھڙوڪ عالمي ڪانفرنسن يا سيمينارن ۾ جڏھن پڙھندا آھن ته اتي ويٺل ماھر ان تحقيق کي تنقيدي نظر سان جائزو وٺي ان تي بحث مباحثو ڪندا آھن. ان علمي بحث دؤران وڏي باريڪ بيني سان پيش ڪيل موضوع جي نتيجن تي ويٺل سائنسدان ۽ محقق سوالن جوابن جي ڏي وٺ ڪري آخرڪار ڪنھن حتمي نتيجي تي پھچندا آھن. ان دؤران ھو پنھنجي قيمتي راين کان به محقق کي آگاھه ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس صلاحون پڻ ڏيندا آھن بعد ۾ اھو مقالو وري شايع به ٿيندو آھي جنھن تي وري تعميري تنقيد جو ھڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويندو آھي ۽ محقق سان خط و ڪتابت ذريعي رابطا ڪري دنيا جا ماھر يا شاگرد بحث ڪري کانئس معلومات وٺي، ان بابت پنھنجا نطريا پيش ڪندا آھن. ان سڄي عمل دؤران ڪٿي ڪا ڪمي يا ڪوتاھي ٿيندي آھي ته انکي درست ڪيو ويندو آھي.
تنقيد ۽ نفسيات:
ماھر نفسيات تنقيد کي ڪمزور انسانن جي صحت لاءِ اڻ سڌي ريت نقصانڪار قرار ڏنو آھي. عام طور تي شگر، دل ۽ بلڊ پريشر جا مريض ان تنقيدي سلسلي کي ھرگز پنھنجي مٿان برداشت ناھن ڪندا. ان ڏس ۾ ڪجهھ دماغي بيماريون پڻ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار ٿي سگھن ٿيون. ڪجهھ ماڻھو پاڻ ٻين تي ڇتي تنقيد ڪندا آھن پر جڏھن انھن مٿان ڪير تنقيد ڪندو آھي ته اھا ھرگز برداشت ناھن ڪندا اھڙي حالت کي ماھر نفسيات Paranoid Personality Disorder پيرانوائيڊپرسنلٽي ڊس آرڊر سڏيو آھي جيڪو نھايت اھم آھي جنھن ۾ تنقيد ڪندڙ ٻه ليکڪ نھايت غير سنجيدگي سان ھڪٻئي مٿان جڏھن تنقيد ڪندي ڏسجن ته انھن ۾ جيڪو سخت لھجو اختيار ڪري اھو ان حالت جو شڪار چئي سگھجي ٿو. جڏھن ته ڪجهھ ماڻھو وري تنقيد جي رد عمل ۾ بچاءُ ڪندا آھن ۽ پنھنجي ھم خيال ماڻھن جو جٿو تيار ڪري نقاد خلاف سخت ردعمل ڏيکاري اھو ثابت ڪندا آھن ته ھو عقل ڪُل آھن. اھڙن ماڻھن کي جيڪا نفسياتي بيماري ھوندي آھي انجو نالو ايؤوئيڊنٽ پرسنلٽي ڊس آرڊر (Avoidant Personality Disorder (APD آھي. ڪجھه ماڻھو تنقيد جي بدلي پلاند ڪرڻ کي لازم ۽ ملزوم سمجھي ٻين کي ھرگز تسليم ناھن ڪندا ۽ ٻين کي گارگند ڪرڻ سان گڏ سنگين الزام پڻ ھڻندا آھن. اھي شخص يا ته خانداني طور ان بيماري ۾ موروثي طرح ورتل ھوندا آھن يا وري وقت جون حالتون کين ان طرح بيمار ڪن ٿيون. اھڙي بيماري جو نالو نيرسزٽڪ پرسنلٽي ڊس آرڊر Narcissistic Personality Disorder NPD آھي.
تنقيد ۽ حياتيات:
دنيا ۾ حياتياتي علمن جي تاريخ تمام پراڻي آھي. حياتيات جي عالمن جڏھن به فلسفا بيان ڪيا ته جھڙوڪر انھن پاڻ لاءِ رد پئدا ڪيا. حياتات جي ھڪ وڏي شاخ ”ارتقائي حياتيات“ اڄ به تڪراري انڪري آھي جو ان ۾ ذڪر ڪيل مختلف نظريا ڪٿي سمجهھ ۾ اچن ٿا ته ڪٿي انسان انھن کي قابل قبول نٿا سمجھن. ارتقا اڻٽر آھي پر حياتي جي ارتقا بابت دنيا ۾ وڏا بحث ٿيا آھن. شايد ارتقائي حياتيات جي مختلف موضوعن تي جيترا بحث ٿيا آھن ايترا بحث ٿي سگھي ٿو قدرتي سائنس جي ڪنھن موضوع تي ورلي ٿيا ھجن. ڪافي نظرياتي ماڻھن ٿيوري آف نيچرل سليڪشن کي رد ڪيو آھي جڏھن ته ڪافي ماڻھو قبول ڪري ان نظرئي کي مڃين ٿا. اھو سڀ تنقيد جي ڪري ممڪن ٿيو آھي نه ته ھرگز انسانن ۾ اھا تعميري پرورش ڪونه ٿئي ھا. ان ڏس ۾ 2017ع ۾ ڇپيل مقالو بنام ”ارتقائي حياتيات ۾ ڇا غلط آھي؟“ (جيڪو جرنل بائلاجي اينڊ فلاسافي ۾ 32 ھين شماري جي صفحي نمبر 263 کان 279 تي موجود آھي) پڙھڻ جھڙو آھي جنھن ۾ حياتيات مٿان ٿيندڙ تنقيد تي سرسري نظر سان ٿيل تحقيق بابت تخليق جا انگ اکر تمام بھتر نموني ذڪر ٿيل آھن.
تنقيد ۽ قانون جو علم:
جھڙي ريت تـنقيد جو عمل ۽ علم دنيا جي ٻين علمن ۾ رائج آھي بلڪل اھڙيءَ ريت اھا تنقيد قانون جي علم ۾ پڻ رائج آھي. جڏھن به ڪو قانون ٺھندو آھي ته انجي پٺيان ھڪ وڏو عمل ھوندو آھي جنھن ۾ قانون ساز ادارا ان تي سٺي تنقيدي جائزي آڌار ايستائين تبديليون ڪندا رھندا آھن جيستائين انجي حتمي شڪل نه ٿي بيھي. قانون پاس ڪري لاڳو ڪرڻ کانپوءِ به ان کي عوام الناس پاران تنقيد کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. مثال؛ آمراڻو دؤرن ۾ ٺھيل قانون اسان وٽ اڄ ڏينھن تائين تنقيدي مرحلن مان پيا گذرن. اھڙي ريت قانون جي علم ۾ تنقيدنگاري بابت خود قانون ٺھيل آھن ته ڪير ڪنھن جي مٿان ڪيترو تنقيد ڪري سگھي ٿو. قانون بابت ھڪ تحقيقي مقالو جيمز سيٽان جو ”قانون ۽ ادب، ڪم، تنقيد ۽ نظريا“ نالي 1999 ۾ ڇپيو جنھن ۾ ھن رچرڊ وئزبرگ ۽ مارٿا نزابم جا نظريا تفصيل سان بحث ھيٺ آندا آھن جن بقول وڏا ادبي ڪم ھميشه پنھنجي نظرين جو قانون مؤجب ساٿ ڏيندا آھن. انھن بقول ادب ۾ تنقيد ھڪ تعميري مرحلو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *