تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

(حصو پهريون) … دنيا جا تنقيدي لاڙا ۽ انھن جو سنڌي سماج تي اثر … جسارت الياس سنڌي

تنقيد لفظ چوڻ ۾ ته سولو آھي پر پنھنجي اندر ھڪ وڏي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو. اسانجي روزمرہ جي زندگي ۾ اسان تي تنقيد ٿيندي رھندي آھي پر ان تنقيد کي اسان سھپ نه ھجڻ ڪري عام طور برداشت ناھيون ڪري سگھندا جيتوڻيڪ ھر تنقيد جي پٺيان مختلف سبب ھوندا آھن ڪابه تنقيد بي سبب ناھي ھوندي جيڪڏھن اسان پنھنجي سماج ۾ موجود ريتن، رسمن ۽ سماجي رواين تي نظر وجھنداسين ته اسانکي ان ڏس ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ گھڻو مواد ملندو. تنقيد، دراصل ھڪ مڪمل درسي شعبو آھي جيڪو دنيا جي اندر عملي طور گھڻو رائج انڪري به ڏٺو ويو آھي جو تنقيد جي ڍال استعمال ڪندي مختلف ماڻھن کي معاشري ۾ انتقامي ڪارروائي ڪندي به عمومي طور ڏٺو ويو آھي پر اڄ به ان کي عالمي ادارن ۾ درسي شعبي طور پڙھائڻ جا سٺا رواج موجود آھن. اھو الميو چئون يا سستي جو اسانجا ڊگري ھولڊرز جيڪي چار يا پنج سال ادب يا ڪھڙي به شعبي مان پڙھي پاس ٿي ايندا آھن اھي ان تنقيدي اصولن، انجي اخلاقي زمرن يا تنقيدي فن کي ٻين عام ماڻھن تائين علمي جاڳرتا طور ناھن پھچائيندا. اھو ئي سبب آھي ته تنقيد جون مختلف بگڙيل شڪليون اسانجي سماج ۾ عام جام ملنديون.
اڄ جتي دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪري جديد ۽ تيز ترين انٽرنيٽ سروس کي ممڪن ڪري ڪمپيوٽرائزڊ ۽ گلوبل وليج ٿي چڪي آھي اتي عالمي ۽ علائقائي ادب ۾ به نوان رجحان ۽ لاڙا جنم وٺي چڪا آھن. ادب کي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ سان گڏ ھڪ ٻوليءَ جي ادب جي مختلف ٻولين ۾ ترجمي جي ڪري تحقيق جا نوان رستا پڻ نڪري چڪا آھن. اھو گوگل جي ڪري به ممڪن ٿيو آھي. مثال طور؛ سنڌي ادب ۾ لاطيني ٻوليءَ جا لاڙا انگريزي ادب مان جذب ٿيا ڇوته انگريزي ادب مٿان لاطيني ادب جو وڏو اثر رھيو آھي. 14 ھين صدي عيسوي کان 17 ھين صدي عيسوي وارو وقت ان جي عروج جو زمانو ھو. انگريزي ادب مان اھي لاڙا وري اسانجي سنڌي علم ۽ ادب ۾ متعارف ٿيا. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چواڻي ته ’سنڌ ۾ انگريز آئيا ته جديد تعليم، سائنسي ۽ صنعتي علم و ادب ۽ فلسفي جا ڪافي دڳ کليا‘ ڇاڪاڻ ته ھي اھي ڌاريا ھئا جن سنڌي ٻوليءَ کي هٿي ڏياري مثال سنڌي جي رسم الخط ٺهرائي ۽ اھڙي ريت سنڌي ٻولي ۾ انيڪ ڪتاب ڇپجڻ لڳا. انگريزن سندن ادب کي ترجمو ڪرايو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ مختلف صنفون جھڙوڪ؛ نثري مضمون، افسانه، ڊرامه ۽ سوانح حيات وغيرہ وغيرہ آئيون. عالمي ادب مان جڏھن ڪو مخصوص لاڙو يا صنف ڪنھن علائقائي ادب ۾ جذب ٿي متعارف ٿيندو آھي ته ان تي شروع ۾ وڏي تنقيد ٿيندي آھي ڇوته اھو ان ٻوليءَ جي پڙھندڙن وٽ نئون ھوندو آھي ۽ جڏھن به ڪا نئين شيءَ ڪٿي ايندي آھي ته انکي شروع ۾ قبول ناھي ڪيو ويندو. اھڙي تنقيد سان ٻولي جا ذخيرا به وڌندا آھن ته گڏوگڏ ٻولي جو ادب به وڌيڪ سگھارو ٿيندو آھي.
تنقيد جي اندروني عضون جي تشريح جي ڏس ۾ لکيل ڪئنيڊا جي مشھور نظرياتي تنقيد نگار نارٿروپ فرائئي (1912ع ـ 1991ع) جو ڪتاب ’ايناٽامي آف ڪرٽسزم‘ پڙھڻ جھڙو آھي جنھن ۾ ھن پنھنجن چار مختلف مضمونن کي جمع ڪري شايع ڪيو ۽ تنقيدنگاري جي دنيا ۾ سٺو اضافو ڪيو. جيتوڻيڪ ھن وٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ته نه ھئي پر تنقيدي فن جي ڪري ھن ٽورنٽو يونيورسٽي کان علاوہ ھارورڊ يونيورسٽي ۾ به پروفيسر ٿي پڙھايو. جيڪڏھن ڪو اديب پنھنجي شعبي مِ ڪھاڻيڪار، شاعر يا افسانه نگار آھي ته کيس گھٽ مقبوليت ملي ٿي پر ساڳيو ماڻھو جيڪڏھن تنقيد جي شعبي کي چونڊي نقاد بڻجي ٿو ته کيس وڏي شھرت ملي ٿي جنھن جو مثال مشھور نظم “دي ويسٽ لينڊ” جو خالق آمريڪي انگريز اديب ٽي.ايس.ايلٽ (1888ع – 1965ع) ھو جنھن مشھوري تڏھن ماڻي جڏھن ھو نقاد بڻيو پر جڏھن شاعر ھو ته ايترو مقبول نه ٿيو. اھو ئي سبب آھي جو اسان وٽ ڪجهھ ليکڪ ھروڀرو جي تنقيد ڪرڻ به پسند ڪندا آھن جيڪو انھن شايد ھڪ سستي شھرت حاصل ڪرڻ جو ذريعو سوچيو ھجي پر ان لاءِ تنقيد جو فن مڪمل سکڻ کپي.اديب يا شاعر جي تخليقي معيار جو نقاد جي جائزي وٺڻ جي انداز مٿان وڏو اثر پوندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو اديب جي ادبي محرڪن جو سڌو سنئون تعلق سندن سوچ ۽ فڪر مٿان منحصر آھي.
ذاتيات تي حملا: ارسطو 4 ق.م ڌاري جڏھن Poetics نالي ھڪ تنقيدي وضاحت لکي ۽ تنقيد جي علم و ادب مِ شروعات ڪئي ته سندس ذاتيات مٿان ان وقت جي ماڻھن ھڪٻئي جي چوڻ تي وڏا حملا ڪيا جن ۾ کيس خود سخت الزام پڻ سھڻا پيا جنھن سان ادبي تنقيد جو وجود پيو.
غيراخلاقي حملا: جھڙي ريت واڌو جي نظرئي سان حسابن مِ ڪجھ تصور ٺھيو پر اھو ايسيتائين بي مقصد ھو جيستائين ڪاٽو جو شعوري وجود پيو بلڪل اھڙيءَ ريت دنيا ۾ جٿي ادب جو وجود پيو اتي انجو ضد يعني بي ادب پڻ ھر وقت موجود ھو جنھن جي ڪري ادب سان جٺ ءِ ويڌن ڪري غيراخلاقي ٻولي ڳالھائي ويئي جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي.
اجايو ضد: ذاتي پلاند وٺڻ خاطر جوناٿن رسل چواڻي “تنقيد ئي اصل ادب آھي” جو سھارو وٺي ڪجهھ علم ادب جا ماڻھو علمي فصاحت ءِ بلاغت کي ڇڏي اڻ گُھري ٻوليءَ جو استعمال ضد يا انا جي وچان انڪري به ڪندا آھن جو سندن ھدف آسان ناھي ھوندو.
لبرلزم جي ڍال: ڪجهھ لبرل ماڻھو جن وٽ لبرلزم نئون نطريو ھجي اھي عام طور ان نظرئي جي آڙ مِ اجائي ءِ انتھائي تنقيد سان پنھنجي معاشري مِ آزار پئدا ڪندا آھن. لبرلزم جي ابي جان لوڪي (1632ع ـ 1704ع) انساني فطرت تي جڏھن تنقيد ڪندي اھو لکيو ته “جڏھن ڪو به نئون انسان ڄمي ٿو ته اھو پاڻ سان گڏ پنھنجي ذھن مطابق نوان جذبا يا نطريا به آڻي ٿو جنکي صرف تڏھن ڪتب آڻي سگھبو جڏھن تنقيد براءِ بھتري مقصود ھجي”.
علمي ۽ ادبي چوري: ادبي چور صرف مواد جي چوري نٿو ڪري سگھي پر پنھنجن چاھيندڙن ءِ مڪتبه فڪر جي ماڻھن تي مشتمل ھڪ مجموعي کي تيار ڪري پنھنجي حق ۾ لکڻ لاءِ اُڪساھڻ سان گڏ مواد جي چوري ڪرڻ ڪارڻ علمي ذخيرن کي لڪائي رکڻ، منطر تان ھٽائي جلدي مِ پنھنجي نالي سان ڇاپڻ سان گڏ ٻين جي ادبي ڪاوشن کي يرغمال ڪري انھن جي اصل مالڪن کي ڌمڪائي اھي علمي تخليقون ڇپرائي انجو مڪمل ڪريڊٽ پنھنجي نالي ڪرڻ پڻ سندس مطابق علمي ادبي تحقيق جو نظرياتي پھلو ھوندو آھي.
الزام تراشي: ادب جي دنيا ۾ الزام تراشي عام آھي. انجا سبب ڏسبا ته ڪافي ملندا. جيئن ته ڪير ڪنھن جي علمي يا ادبي تخليق تي اخلاق جي حد اندر رھي علمي اختلاف راءِ جو ڀرپور اظھار ڪري سگھي ٿو جيڪو ڪنھن به قسم جو جرم ناھي. تنقيد براءِ اصلاح ڪري معاشرو سڌاري سگھڻ جا سوين مثال موجود آھن پر انجو ڪجھه درٻاري ليکڪ غلط مطلب ڪڍندا آھن ءِ ردعمل مِ الزامن ءِ بھتانن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ٻين لاءِ ءِ خاص ڪري عام ماڻھن لاءِ ناسور بڻجندا آھن. ان ڏس مِ ڪليئن (2000 P. Klein) لکي ٿو ته “چند فلسفي دانن جھڙوڪ؛ لوڪي، ھيومي ءِ ڊيزڪارٽز موجب اسان تي اھو فرض ٿو بڻجي ته اسين نظريو/ سوچ/ تخليق يا ته رد ڪريون يا وري انکي قبول ڪريون“. جيڪڏھن قبول ڪريون ته انجا اسباب لکون ءِ جي رد ڪريون ته انجا ڪجهھ دليل ۽ ثبوت ڏيون. اھا ’ھا‘ ۾ ’ھا‘ ته تحقيق سان ممڪن ٿي سگھي ٿي پر “نه” يا “ڪجھ صلاح/ تجويز” ڏيڻ صرف ءِ صرف تنقيد سان ئي ممڪن آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *