| حضرت امام حسين عه جو اڄ چاليهو: سيڪيورٽي سخت |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪربلا جي شهيدن جي سردار حضرت امام حسين عه جو اڄ چاليهو: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران صوبي ۾ فول پروف سيڪيورٽي جو حڪم، ان ڏس ۾ گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته جلوسن جي مقرر رستن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ حساس هنڌن جي سيڪيورٽي جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، جڏهن ته سيڪيورٽي پلان تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هاءِ الرٽ رهن. هن چيو ته صوبي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سنيپ چيڪنگ ۽ نگراني وڌيڪ سخت ڪئي وڃي، جڏهن ته مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکندي انٽيليجنس بنيادن تي سرچ آپريشن وڌيڪ مؤثر بڻايا وڃن. ضياءُ الحسن لنجار هدايت ڪئي ته سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پاڻ ۾ رابطا ۽ انٽيليجنس شيئرنگ وڌيڪ مضبوط بڻائين. هن چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ جامع ٽريفڪ پلان تيار ڪري متبادل رستن بابت بروقت آگاهي ڏني وڃي،