حضرت دائودعه بابت فلم تي پابندي بابت درخواست رد

حضرت دائودعه بابت فلم تي پابندي بابت درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيغمبر حضرت دائود عليه اسلام بابت فلم جي نمائش تي پابندي لاءِ داخل درخواست شروعاتي مرحلي ۾ ئي رد ڪري ڇڏي, درخواست ۾ سڌ سماءُ واري وزارت، پيمرا، فلم سينسر بورڊ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو، پٽيشنر عبدالرزاق جو چوڻ هو ته حضرت دائود عليه اسلام بابت ڪارٽون فلم ٺاهي وئي آهي, مسلمان جي حيثيت سان اسان سمورن نبين جو احترام ڪندا آهيون, فلم جي نمائش اسلامي تعليمات خلاف آهي، جنهن تي عدالت چيو ته فلم ۾ ڪهڙي اعتراض جوڳي ڳالهه آهي، انهي ان جي نشدهي ڪريو، جسٽس يوسف سعيد  وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان فلم ڏٺي آهي؟ وڪيل جي هاڪاري جواب تي عدالت چيو ته جيڪا فلم توهان پاڻ ڏٺي آهي، اوهان چاهيو ٿا ته ٻيا نه ڏسن؟  فلم صرف سينيمائن تائين محدود ناهي، اها ڪيترن ئي پليٽ فارمز تي رليز ٿيندي آهي.