حفيظ مهر جي سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طور مقرري چئلينج
ڊسمبر 9, 2023
حفيظ مهر جي سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طور مقرري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي
بورڊ جي هٽايل چيئرمين آغا سهيل ۽ سيڪريٽري نصرت سهتو کي بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي
ڪتابن جي ڇپائي جي ٺيڪيدار خالد عزيز پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيئرمين ۽ سيڪريٽري جو مدو ٽن سالن لاءِ هوندو آهي، مدو پورو ٿيڻ کان اڳ چيئرمين ۽ سيڪريٽري کي نه ٿو هٽائي سگهجي
حفيظ مهر جي سيڪريٽري طور مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي
عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سيڪريٽري کي ڪتابن جي ڇپائي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو
عدالت چيف سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي