حقيقي قيادت ذاتي ڪاميابي کان مٿاهين هجي ٿي، علم سان سماج تبديل ڪري سگهجي ٿو: وڏو وزير
ڊسمبر 8, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جي نوجوانن ۾ عالمي سطح تي بامقصد ۽ سٺو ڪردار ادا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. ان حوالي سان ڪالهه آءِ بي اي ڪراچي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آءِ بي اي ڪراچي ايندڙ سال تعليم، رھنمائي ۽ جدت جا 70 سال پورا ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته 70 ورهين جي ٽيلينٽ جي ترقي ۽ اڳواڻي جي جوڙجڪ آءِ بي اي جو ورثو آهي. هي سنگ ميل آءِ بي اي فيڪلٽي، انتظاميا ۽ شاگردن جي نظريي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته آءِ بي اي جي 67 سيڪڙو فيڪلٽي وٽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون آهن. ھي انسٽيٽيوٽ هڪ بهترين سکيا واري ماحول کي ھٿي ڏئي رھيو آھي. وڏي وزير شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊيٽا سائنس ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي. آءِ بي اي ڪراچي جي 18 هزار اڳوڻن شاگردن جو نيٽ ورڪ هڪ اهم اثاثو آهي، اڳوڻا شاگرد مختلف شعبن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آهن. وڏي وزير گريجوئيٽس کي صلاح ڏني ته سندن شفقت، ايمانداري ۽ سماجي ذميواريءَ سان اڳواڻي ڪن، حقيقي قيادت ذاتي ڪاميابي کان مٿانهون ٿيندي آهي. وڏي وزير يقين سان چيو تھ علم ۽ صلاحيتن سان سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ديانتداريءَ جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ لاءِ سندن صلاحيتون استعمال ڪرڻ گھرجن. وڏي وزير ڪانووڪيشن کي گريجوئيٽس ۽ سندن خاندانن لاءِ فخر جو لمحو قرار ڏنو. ٻئي طرف وزيراعليٰ هائوس مان ووٽرن جي قومي ڏھاڙي جي مناسب سان سندس جاري ڪيل بيان ۾. وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ عوام جو ووٽ ڏيڻ تمام ضروري آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪندي چيو ته ووٽ جي رجسٽريشن قومي فرض آهي، سڄي سنڌ جا ماڻهو سندن ووٽ داخل ڪرائين. هن وڌيڪ چيو ته سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي گهرجي ته هو ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عوام ۾ شعور پيدا ڪن.