“حقيقي چيمپئن جي اننگز هئي” بابر اعظم جي هر هنڌ ساراهه

“حقيقي چيمپئن جي اننگز هئي” بابر اعظم جي هر هنڌ ساراهه

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف ٻي ون ڊي ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ تي بابر اعظم کي ساٿي رانديگرن، اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ مداحن طرفان مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته هن مون سان جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو ۽ توهان هر اسٽروڪ سان ان جو اعتماد ڏسي سگهو ٿا، بال سندس بيٽ تي خوبصورتي سان اچي رهيو هو، هڪ حقيقي چيمپيئن جي اننگز هئي“. اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن پنهنجي يوٽيوب شو جي رڪارڊنگ دوران نيٽ پريڪٽس سيشن ۾ بابر اعظم جي ورتل تصوير پوسٽ ڪئي ۽ مزاحيا انداز ۾ لکيو ته مون سان ڪيل نيٽ سيشن بابر اعظم کي سينچري ٺاهڻ ۾ مدد فراهم ڪئي.