حق نه پيو ملي. عوام تي بار وجهڻ واري ڪنهن به فيصلي جو حصو نه بڻجنداسين: سهيل آفريدي

حق نه پيو ملي. عوام تي بار وجهڻ واري ڪنهن به فيصلي جو حصو نه بڻجنداسين: سهيل آفريدي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته اسانکي حق نه پيو ملي. عوام تي بار وجهڻ واري ڪنهن به فيصلي جو حصو نه بڻجنداسين. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته صوبن جي راءِ مختلف هئي،هن زور ڏنو ته پاڪستان کي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مسلم دنيا بحران ۾ هميشه پاڪستان ڏانهن ڏسندي آهي، اسان جنگ جو حصو نه بڻجنداسين. هن وڌيڪ چيو ته قومي ۽ عالمي بحران تي اجلاس سڏايو ويو ۽ اسان پاڪستان لاءِ ان ۾ شرڪت ڪئي، هن چيو ته اسان ڪڏهن به اهڙي فيصلي جو حصو نه بڻجنداسين جيڪو عوام تي بار بڻجي، هن چيو ته اسان کي 1375 ارب کان وڌيڪ اين ايف سي ايوارڊ نه پيو ڏنو وڃي، جڏهن ته فاٽا جي ماڻهن جو حق ٻيا صوبا کائي رهيا آهن،