ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ چنيسر ٽائون جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي پوليس گرفتار ڪري وتو آهي
پي ٽي آءِ جي ايم پي اي راجا اظهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ چنيسر ٽائون يوسي 5 جي چيئرمين شاهد انصاري ۽ وائيس چيئرمين رائو وسيم کي پوليس گرفتار ڪيو آهي
راجا اظهر چيو ته ٻئي حلف کڻڻ لاءِ ڊي سي ايسٽ آفيس پهتا هئا، آفيس مان ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ذميوار آهي
ڊسٽرڪٽ سائوٿ سٽي مان پي ٽي آءِ جو حلف کڻندڙ وائيس چيئرمين عبدالرحمان به پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو ڪورنگي يوني ڪاميٽي 5 جي چيئرمين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي
9مئي واقعن جي ڪيسن ۾ اهڙيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن