حماس ۽ اسرائيل هڪٻئي جا وڌيڪ 118 يرغمالي ڇڏي ڏنا، حملن ۾ 21 فلسطيني شهيد، 60 گرفتار
جنوري 31, 2025
غزه/تل ابيب (م ڊ) غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي ٽئين مرحلي تحت ٻن مختلف هنڌن تي 8 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو، خان يونس ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيمن 2 اسرائيلي يرغمالين ۽ 5 ٿائي شهرين سميت 8 ڄڻن کي ڇڏيو، يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي اها تقريب فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي اڳوڻي سربراهه شهيد يحيٰ سنوار جي تباهه ٿيل گهر ويجهو ٿي، ان کان اڳ اتر غزه جي جباليه ڪيمپ ۾ حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ هڪ اسرائيلي عورت فوجي کي آزاد ڪيو. هوڏانهن بدلي ۾ اسرائيل 110 فلسطينين کي آزاد ڪيو، اسرائيل جي جنين ۽ تلڪرن ۾ هوائي ۽ زميني حملن ۾ وڌيڪ 21 فلسطيني شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ 60 کان وڌيڪ فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو. غزه ۾ فلسطينين جي تباهه ٿيل علائقن ڏانهن واپسي جاري آهي، 5 لک کان وڌيڪ فلسطيني تباهه ٿيل اتر غزه واپس موٽي آيا، غزه ۾ 15 مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو گهريلو صارفين گيس جي فراهمي بحال ٿي وئي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزه جي اسپتالن ۾63 لاش آندا ويا، 59 لاش عمارتن، ميدانن ۽ روڊن تان کنيا ويا هئا.