| حملا ۽ اڳواڻن جو قتل بند، وري جنگ نه ڪرڻ جي ضمانت، شهيدن جو معاوضو: ايران شرط رکي ڇڏيا، 15 آمريڪي مطالبا رد |
تهران/اسلام آباد/لنڊن (م ڊ) ايران آمريڪا جا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل 15 نقطا رد ڪندي پنهنجا 5 شرط رکي ڇڏيا آهن ۽ چيو آهي ته ٽرمپ کي اها اجازت نه ڏينداسين ته جنگ ختم ڪرڻ جو وقت طئي ڪري جنگبندي جو فيصلوايران جي شرطن تي ٿيندو ايران جنگ جي خاتمي جو اعلان پاڻ ڪندو. چين پاڪستان جي جنگ جي خاتمي بابت ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته ايران آمريڪي تجويزن جو جائزو ورتو آهي ۽ انهن کي نامناسب قرار ڏنو آهي. ايران صدر ٽرمپ کي جنگ جي خاتمي لاءِ وقت مقرر ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي ۽ ايران هڪ علائقائي ٽياڪڙ (پاڪستان) ذريعي پيغام موڪليو آهي ته هو پنهنجو دفاع جاري رکندو. ايراني عملدارن چيو ته جنگ ختم ڪرڻ جي پهرين شرط حملن جو خاتمو ۽ ايراني عملدارن جي قتل ڪرڻ واري سلسلي کي روڪڻ آهي ۽ ايران جي دفاعي ڪارروائي ايراني شرطن جي پوري ٿيڻ تائين جاري رهندي. اختيارين موجب جنگ بندي جو فيصلو صرف ايران جي شرطن تي ڪيو ويندو. ايران جنگ جي ٻيهر شروعات کي روڪڻ لاءِ ٺوس ۽ ضمانتي قدمن جو مطالبو ڪري ٿو، جنهن ۾ ايران ۾ جنگ جي قيمت جو تعين ۽ ادائيگي جي ضمانت به شامل آهي. ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ علائقي ۾ ٻين مزاحمتي گروپن تي جاري جنگ کي روڪيو وڃي ۽ هرمز کاڙي تي ايران جي خودمختياري کي تسليم ڪيو وڃي. هڪ سينئر ايراني عهديدار مطابق ايران جو شروعاتي جواب آمريڪا تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان ڏانهن موڪليو ويو آهي. ايراني نشرياتي اداري جي مطابق سياسي ۽ سيڪيورٽي عهديدار ٻڌايو ته واشنگٽن مختلف سفارتي چينلن ذريعي ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اهڙيون تجويزون پيش ڪري رهيو آهي جيڪي ايران جي نظر ۾ “حدون پار” ڪري رهيون آهن. ان کان اڳ پاڪستان آمريڪا جا 15 نقطا ايران تائين پهچايا هئا. تجويزن ۾ ايران تي پابنديون گهٽائڻ پڻ شامل آهي. ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ ميزائل پروگرام کي ختم ڪرڻ پڻ شامل آهي. ايران کي مستقبل ۾ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. ايران کي نطنز، اصفهان ۽ فردو جهڙن اهم ايٽمي مرڪزن کي بند ۽ تباهه ڪرڻو پوندو. هرمز رستي کي کولڻ پڻ آمريڪي تجويزن ۾ شامل آهي. بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) پاران ايراني ايٽمي پروگرام جي نگراني ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سول ايٽمي تعاون پڻ تجويزن ۾ شامل آهي. ايران کي شام، لبنان ۽ يمن ۾ پنهنجي اثر کي گهٽائڻو پوندو. آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جاري فضائي حملا روڪڻ جي بدلي ۾ ايران کي پنهنجا حملا بند ڪرڻا پوندا. هڪ سينئر پاڪستاني عهديدار هڪ آمريڪي نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته پاڪستان جو سعودي عرب جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ عزم بي مثال آهي، پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ سڀني ڌرين سان رابطو ڪري رهيو آهي، سعودي عرب جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پاڪستان جو عزم غير واضح ۽ مضبوط آهي. هڪ پاڪستاني ۽ مصري عهديدار چيو ته ايراني ۽ آمريڪي عهديدار جمعي تي پاڪستان ۾ ملاقات ڪري سگهن ٿا. عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي سربراهه رافيل گروسي موجب، آمريڪا-ايران ڳالهيون هن هفتي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. الجزيره جي رپورٽ وائيٽ هائوس جعي عملدارن ٻڌايو ته ڳالهين ۽ جنگبندي لاءِ آمريڪا جو 15 نقطن وارو منصوبو پاڪستان ذريعي ايران موڪليو ويو ترڪي، مصر ۽ پاڪستان جا ٽياڪڙ 48 ڪلاڪن اندر اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي عملدارن جي ملاقات لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا اڄ خميس تي اعلان جو امڪان آهي. رپورٽ موجب ايران آمريڪا جي ٻن اهم مذاڪرات ڪندڙ صدر ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر ۽ صدر جي نمائندي اسٽيو وٽڪوف سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهي آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس سان ڳالهيون ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. سينئر پاڪستاني ذريعن الجزيره کي ٻڌايو ته ٽرمپ انتظاميه پاران پاڪستان کي ڏنل هڪ دستاويز ايرانين کي پيش ڪيو ويو. پاڪستان پاران ڳالهين جي ميزباني جي آڇ کان پوءِ چين به ان ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لِن جيان بيجنگ ۾ صحافين کي ٻڌايو ته جنگبندي ۽ امن ڳالهيون وڌيڪ اهم ڪم آهن چين تڪرار گهٽائڻ، صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ ڳالهين کي بحال ڪرڻ لاءِ سازگار سڀني ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. هرمز کاڙي تي ايران جي ڪنٽرول بابت هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۽ شپنگ رستن کي محفوظ رکڻ عالمي برادري جي گڏيل مفادن تحت هجڻ گهرجي.
واشنگٽن/تهران/دوحا (م ڊ) ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جاري آهي حملن ۾ وڌيڪ ڪيترائي شهري زندگيون وڃائي ويٺا. هرمز ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 2 هزار بحري جهاز ڦاٿل آهن. جنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 35 سئو کان وڌي ويو آهي. اسرائيل لبنان جي قبضو ڪيل علائقن تي مستقبل قبضو ڪري بفرزون کي وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي مليل اطلاعن موجب ايران تي حملا 26 هين ڏينهن به جاري رهيا. ايران جي نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي مطابق البرز صوبي جي ڪرج شهر جي علائقي ڪمال شهر ۾ هڪ رهائشي عمارت تي ميزائل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ميزائل چار ماڙ رهائشي عمارت کي تباهه ڪيو. چھار باغ ڪائونٽي ۽ گولسر شھر ۾ بھ ٻن خالي گودامن کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي ته سندس جيٽ جهازن تهران ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بحري ڪروز ميزائل تيار ڪندڙ فيڪٽري ۽ ٻين فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. ايران جي تعليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته جنگ جي شروعات کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 243 شاگرد ۽ استاد شھيد ٿي ويا آهن. ايراني ريڊ ڪريسنٽ فوٽيج شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته آمريڪا-اسرائيلي حملي کانپوءِ اصفهان ۾ هڪ بازار تباهه ٿي وئي. ايران جي حملن ۾ ڪويت انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي ڊرون حملو ڪيو ويو جنهن ۾ تيل واري ٽانڪي کي باهه لڳي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڊرون حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ فيول ٽانڪي ۾ باهه لڳي وئي. حملي ۾ ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل تي ميزائلن جي برسات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تل ابيب ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو آهي. پاسداران انقلاب موجب صيهوني رجيم جي انٽيليجنس ادارن کي والاريل علائقن ۾ نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته خيبر شڪن، عماد ۽ سجيل ميزائلن سان گڏ تباهه ڪندڙ ڊرونز استعمال ڪيا ويا. ايراني پاسداران انقلاب موجب تل ابيب ۾ اسرائيلي فوج جي ڪمرشل، لاجسٽڪ ۽ سپورٽ مرڪزن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. اسرائيل جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران ۽ لبنان ۾ حزب الله سان جاري جنگ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 204 اسرائيلي زخمي ٿيا جنھن سان زخمين جو انگ 5,045 ٿي ويو آھي جن مان 120 هن وقت اسپتال ۾ داخل آهن 12 جي حالت نازڪ آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب ايران ڏکڻ اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا جنهن سان نيگيو، اراوا ۽ مردار سمنڊ وارن علائقن ۾ سائرن وڄايا ويا ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. لبنان جي سرڪاري ميڊيا موجب اسرائيلي حملي ۾ ڏکڻ صيدا علائقي ۾ هڪ شهر ۽ هڪ فلسطيني پناهگير ڪئمپ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو مارجي ويا آهن، ۽ ٻئي شهر ۾ 3 وڌيڪ مارجي ويا آهن. عدلون تي اسرائيلي دشمن جي حملي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا، ۽ ميه ميه پناهگير ڪئمپ ۾ هڪ اپارٽمينٽ تي حملي ۾ 2 ٻيا مارجي ويا 4 زخمي پڻ ٿيا. حبوش شهر تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 18 زخمي ٿيا. اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ الدوير ۽ الريحان علائقن تي 2 ھوائي حملا ڪيا. حزب الله جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لبنان جي شهر قوزه ۾ اسرائيلي فوجين ۽ فوجي گاڏين کي ٽن راڪيٽ گولن سان نشانو بڻايو. چينل 12 براڊڪاسٽر جو چوڻ آهي ته لبناني گروپ صفد شھر سميت اسرائيل ڏانهن 30 پروجيڪٽائل فائر ڪيا. اسرائيل 2 مارچ کان لبنان ۾ 1,090 کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو اعلان ڪيو ته لبنان جي قبضو ڪيل علائقن تي مستقل قبضو ڪيو ويندو ۽ اتي موجود بفرزون جي دائري کي وڌايو ويندو ته جيئن وڌيڪ حملا نه ٿي سگهن. جڏهن ته اسرائيل جي پرڏيهي وزير گائيڊون سار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خط لکي زور ڀريو آهي ته هو حزب الله جي واضح طور تي مذمت ڪري ۽ ان کي “دهشتگرد” تنظيم قرار ڏئي. هن چيو ته حزب الله اسرائيل تي 3,500 کان وڌيڪ ميزائل، ڊرون ۽ يو اي وي فائر ڪيا آهن. آمريڪا ۾ قائم انساني حقن جي گروپ مطابق ايران ۾ 3,291 ماڻهو مارجي ويا آهن. عراقي عملدارن جو چوڻ آهي ته عراق ۾ جنگ ۾ 81 ماڻهو مارجي ويا آهن. مارجي ويلن مان اڪثريت پاپولر موبلائيزيشن فورسز جا ميمبر آهن جن جا ايران سان ويجها لاڳاپا آهن. اسرائيل ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا آهن. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ان جا ٻه اهلڪار ڏکڻ لبنان ۾ پڻ مارجي ويا آهن. جنگ ۾ 13 آمريڪي اهلڪار مارجي ويا آهن، جن مان ڇهه عراق ۾ جهاز حادثي ۾ فوت ٿيا. قطري وزارت دفاع جي مطابق، ملڪ ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ست ماڻهو مارجي ويا. گڏيل عرب امارات اڃا تائين 9 موتن جي تصديق ڪئي آهي، جن ۾ ٽي شهري ۽ ڇهه فوجي اهلڪار شامل آهن. ڪويت ڇهن موتن جي تصديق ڪئي آهي، جن ۾ ٻه فوجي اهلڪار شامل آهن. شام ۾ حملن ۾ چار، ويسٽ بئنڪ ۾ چار، بحرين ۾ ٻه، عمان ۾ ٻه ۽ سعودي عرب ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا.
نيويارڪ (م ڊ) عالمي بحري تنظيم آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو ڊومنگوز چيو آهي ته هرمز کاڙي جي موجوده صورتحال عالمي شپنگ انڊسٽري لاءِ ڪافي چئلينجنگ ثابت ٿي آهي. جتي 20 هزار سامونڊي ملاح ۽ 2 هزار جهاز ڦاٿل آهن ۽ سفر ڪرڻ جي قابل نه آهن. هن چيو ته اهي جهاز جيترو وقت اتي رهندا، اوترو ئي عملو ذهني دٻاءُ ۽ ٿڪاوٽ جو شڪارٿيندو، انهي سان گڏ انهن وٽ ان سامان جي کوٽ ٿيندي جيڪو جهازن کي هلائڻ لاءِ گهربل هوندو آهي. الجزيره سان ڳالهائيندي هن چيو ته انشورنس ڪمپنيون نقصان جو بار يا خرچ برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن. گهڻن يا ته معاهدا منسوخ ڪري ڇڏيا آهن يا اضافي پريميئم چارج ڪري رهيون آهن. ڊومنگوز چيو ته هن وقت ته انهن جهازن تي انساني بحران کي ٽاريو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته هرمز جي چوڌاري ملڪ امداد فراهم ڪري رهيا آهن انساني همدردي طور جهازن کي علائقي مان نڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو جهازن کي بچائڻ جو منصوبو پائيدارناهي ڇاڪاڻ ته ڪا به ضمانت نه آهي ته سفر دوران جهازن کي نشانو نه بڻايو ويندو ۽ معصوم سامونڊي مسافرن کي قتل نه ڪيو ويندو. ٻئي طرف هرمز کاڙي جو رستو کولڻ لاءِ آماده ملڪن جي فوجي سربراهه سان فرانس جو آرمي چيف جلد وڊيو ڪال رابطو ڪندو.