حملن جو خطرو: خيرپور جي عدالتن ۾ سيڪيورٽي سخت

جُون 3, 2023

خيرپور (رپورٽر) ڪراچي ۽ ميهڙ ۾ عدالتي احاطي ۾ پيش آيل قتل وارن واقعن کانپوءِ خيرپور جي عدالتن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

 ايس ايس پي سمورين عدالتن ۾ سيڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته عدالت ۾ ايندڙ ماڻهن جي جامع تلاشيءَ کانپوءِ کين عدالتي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي.

وڪيلن سميت عدالتي اسٽاف کي به تلاشيءَ بعد عدالت ۾ داخل ٿيڻ ڇڏيو وڃي. ڪنهن به اجنبي شڪي ماڻهو، گاڏي يا بيگ وغيره نظر اچڻ جي صورت ۾ پوليس ٿاڻي يا 15 مددگار سينٽر تي اطلاع ڏنو وڃي.

Leave A Comment