| حملن ۾ امارات ملوث قرار: ايران معاوضي جو مطالبو ڪري ڇڏيو |
نيويارڪ (م ڊ) ايران جي گڏيل قومن جي سفير امير سعيد ايرواني گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي هڪ خط لکي آمريڪا جي ايران تي ٿيندڙ حملن ۾ يو اي اي کي ملوث قرار ڏيندي معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ ايرواني چيو ته ايران تي حملي لاءِ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين فراھم ڪرڻ سان يو اي اي بين الاقوامي طور تي غلط ڪم ۾ ملوث ٿيو آهي. ان ڪري اھا بين الاقوامي ذميواري آهي ته هو سڀني مادي ۽ جاني نقصانن جو معاوضو فراهم ڪري.