| حملو ڪيس: جسٽس مقبول باقر شاهدي لاءِ طلب |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت حملي ڪيس ۾اڳوڻي نگران وزيراعليٰ ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس مقبول باقر کي شاهدي لاءِ طلب ڪري ورتو، ياد رهي ته ڪيس ۾ اڳوڻي جسٽس ۽ جاچ آفيسر جا بيان رڪارڊ ٿيڻ باقي آهن، جيل اختيارين ڪالهه پابندي لڳل تنظيم جي جوابدارن معصوم عرف بلا، ياسر ۽ معاويه کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ياد رهي ته جوابدارن جون 2013 ۾ جسٽس مقبول باقر جي قافلي تي ان وقت حملو ڪيو، جڏهن هو سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃي رهيو هو، انهي حملي ۾ جسٽس مقبول باقر جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا هئا، واقعي ۾ حملي آور به مارجي ويو هو، انهي حملي ۾ جسٽس مقبول باقر سميت ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿيا هئا