| حملي جو امڪان ختم؟ ايران پرامن، حڪومت مخالفن کي ڦاهيون نه ڏيڻ جو اعلان، في الحال ايراني قيادت تبديل نه ڪبي: ٽرمپ |
تهران/واشنگٽن(م ڊ) ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاج ختم ٿي ويا آهن آمريڪا جا ايران تي حملي جا في الحال امڪان گهٽجي ويا آهن، عرب ملڪن ۽ اتحادين ٽرمپ کي حملي کان روڪي ڇڏيو آهي جنهن بعد ايران به پنهنجي هوائي حدن کي جهازن جي اڏامن لاءِ کولي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته ايران حڪومت مخالفن کي ڦاهيون ڏيڻ جو سلسلو روڪي ڇڏيو آهي، في الحال ايران ۾ قيادت جي تبديلي جو مرحلو نه آيو آهي، پهرين ايران جو عمل ڏسنداسين ۽ جاچينداسين، جڏهن ته ايران به چيو آهي ته احتجاج ڪندڙن کي ڦاهي جي سزا نه ڏني ويندي. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته ايران ۾ حڪومت خلاف هلندڙ احتجاج جو سلسلو رڪجي ويو آهي. ڪالهه ملڪ ۾ مظاهرا نه ٿيا ۽ آمريڪي ميڊيا به چيو آهي ته تهران ۾ زندگي معمول تي اچي رهي آهي. ايراني حڪومت احتجاجي مظاهرن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ايراني سرڪاري ٽي وي موجب 24 ڪلاڪن ۾ ايران جي ڪنهن به شهر ۾ بدامني جو ڪوبه واقعو رپورٽ نه ٿيو آهي. ٻئي طرف برطانيا جي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته عرب ۽ اتحادي ملڪن صدر ٽرمپ کي ايران تي حملو ڪرڻ کان روڪيو جنهن سان حملو روڪيو ويو ۽ ايران کي تشدد کي روڪڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏنو ويو. حملي جي خدشي سبب ايران جون بند ڪيل فضائي حدون ٻيهر کوليون ويون آهن. ترڪيه به ايران ۾ فوجي مداخلت جي مخالفت ڪندي چيو ته اميد آهي ايران ۽ آمريڪا پنهنجي تڪرار جو حل ڳوليندا. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته خبر ناهي ايراني اپوزيشن اڳواڻ رضا پهلوي کي ايران ۾ عوامي حمايت حاصل آهي يا نه، اهو ممڪن آهي ته ايراني سرڪار مظاهرن سبب ڪِري پوي، ايران ۾ اڄ وڏي پئماني تي مظاهرين کي ملندڙ ڦاهيون روڪيون ويون آهن، هاڻي اُتي وڏي پئماني تي ڦاهين جو ڪوبه منصوبو ناهي، آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته اهم ذريعن وسيلي کين خاطري ڪرائي وئي آهي ته ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرين جون ڦاهيون روڪيون ويون آهن، پر حڪومت مخالف مظاهرين کي ڦاهيون ڏنيون ويون ته اسان ڪاوڙجي پونداسين. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ۾ ماڻهن کي ڦاهي ڏيڻ جو ڪوبه منصوبو نه آهي، امن قائم آهي ۽ صورتحال به ڪنٽرول ۾ آهي، ايراني مظاهرن ۾ موجود ماڻهن کي پرڏيهي ملڪ مان ڪنٽرول ڪيو پئي ويو، آمريڪا جون مهيني جهڙيون غلطيون نه ورجائي، اسان جي عزم کي بمباري سان ٽوڙي نٿو سگهجي، ٻئي پاسي ايراني عدليه پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته مظاهرن دوران گرفتار 26 ورهين جي جوابدار عرفان سلطاني کي ڦاهيءَ جي سزا نه ٻڌائي وئي آهي.
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران مظاهرين تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي الزام ۾ پنج ايراني عملدارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي مطابق آمريڪي حڪومت اهو به خبردار ڪيو آهي ته اها ايراني قيادت پاران دنيا جي بينڪن ۾ منتقل ڪيل پئسن جي به نگراني ڪري رهي آهي. آمريڪي ناڻي کاتي مطابق پابندين جو نشانو بڻايل ماڻهن ۾ ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري علي لاريجاني، گڏوگڏ انقلابي گارڊز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ ڪمانڊر شامل آهن، جن تي الزام آهي ته اهي احتجاج کي طاقت سان دٻائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن. آمريڪي ناڻي سيڪريٽري اسڪاٽ بيسنت هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته ايراني اڳواڻن لاءِ آمريڪا جو پيغام تمام واضح آهي، آمريڪي اهلڪار ڄاڻن ٿا ته ايراني عوام کان لُٽيل رقم ڪيئن دنيا جي بينڪن ۽ مالي ادارن ۾ منتقل ڪئي پئي وڃي ۽ آمريڪا هن رقم کي ٽريڪ ڪندو رهندو. اسڪاٽ بيسنت وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايراني قيادت چاهي ٿي ته تشدد کي روڪڻ ۽ ايراني عوام سان گڏ بيهڻ جو اڃا به وقت آهي. نيوز ايجنسي جي مطابق خزاني واري کاتي 18 ٻين ماڻهن تي پڻ پابنديون لاڳو ڪيون آهن جن تي خفيه بينڪنگ نيٽ ورڪن ذريعي ايراني تيل ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي ٻاهرين ملڪن ۾ وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم کي مني لانڊرنگ ڪرڻ جو الزام آهي.