| حملي جو خطرو؟ نيوزيلينڊ جو ايران مان سفير واپس، معاملا سفارتڪاري سان نبيرڻ چاهيون ٿا: ٽرمپ جو نمائندو |
تهران/نيويارڪ/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي حڪومت ايران سان معاملا ڳالهين وسيلي حل ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته ايران مظاهرو ڪندڙن تي تشدد جا آمريڪا ۽ اسرائيل جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته روس ايران ۾ احتجاج تي ٿيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي سرڪس قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مليل اطلاعن موجب آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران سان مسئلا سفارتي طور تي حل ٿي سگهن ٿا. اسرائيلي آمريڪي ڪائونسل ۾ تقرير دوران ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي امڪان بابت پڇيو ويو ته هن جواب ۾ چيو ته مون کي اميد آهي ته اسان سفارتڪاري ذريعي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهنداسين. هن چيو ته ايران سان چار حل نه ٿيندڙ مسئلا آهن: ايٽمي قوت، يورينيم جو رچاءُ، ميزائل ۽ پراڪسي فورسز. اسان چاهيون ٿا ته اهي مسئلا سفارتڪاري ذريعي حل ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته متبادل نتيجو ايران لاءِ تمام خراب ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف ايران جي نمائندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل تي الزام لڳايو آهي ته اهي ايران ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ايران مظاهرين خلاف تشدد ڪرڻ جا الزام بي بنياد آهن. هن سخت لهجي ۾ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا واقعي بيگناهه ماڻهن جي موت بابت پريشان آهي، ته ان کي پنهنجي ملڪ ۾ ميني سوٽا ۾ پوليس آفيسرن پاران هڪ عورت جي قتل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. درزي وڌيڪ چيو ته مان انهن شهرين جي خاندانن سان همدردي ڪريان ٿو جيڪي گذريل ٻن هفتن ۾ مارجي ويا آهن هن چيو ته احتجاج جو رخ ۽ ان کان پوءِ خوني واقعا اصل ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي اشتعال انگيزيءَ جو نتيجو آهن. آمريڪي نمائندي مائيڪ والٽز ايران تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو. ايران ۾ تشدد جي واقعن کي روڪڻ لاءِ آمريڪي صدر وٽ سڀ آپشن اڃا تائين موجود آهن ۽ ايراني اختياريون هن حقيقت کان چڱي طرح واقف آهن. روسي نمائندي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا تي سخت تنقيد ڪندي اجلاس کي سرڪس قرار ڏنو. روسي نمائندي چيو ته سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سرڪس کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي ۽ هي اجلاس شرمناڪ آهي. هن چيو ته اجلاس عالمي امن لاءِ سڏائڻ گهرجي ها ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ٻاهريون قوتون ايران ۾ موجوده صورتحال کي وڌائي رهيون آهن. روسي مندوب وڌيڪ چيو ته شهرين ۽ ملڪيت جو تحفظ ايراني حڪومت جي ترجيح آهي، آمريڪا ايراني عوام کي ادارن تي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو، آمريڪي ڪارروائي خطي کي بحران ۾ وڌيڪ بي نقاب ڪندي. ان کان علاوه، روس مسئلن جي پرامن حل ۾ تعاون جي آڇ پڻ ڪئي.
واشنگٽن/آڪلينڊ (م ڊ) آمريڪا جي ميڊيا اڃا ايران تي آمريڪي حملي جو امڪان رد نه ڪيو آهي. آمريڪا نار ۾ پنهنجي فوجي طاقت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته ايران هڪ ڀيرو ٻيهر حملي جي صورت ۾ سخت جواب ڏيڻ جو عزم ورجايو آهي. آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب واشنگٽن خطي ۾ پنهنجي فوجي موجودگي وڌائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هڪ هوائي جهاز ڪيريئر، ڪيترائي سپورٽ جهاز، اضافي هٿيار ۽ دفاعي سامان جي تعیناتي شامل آهي. ٻئي طرف ايران ۾ خراب ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحال جي تناظر ۾ نيوزي لينڊ عارضي طور تي تهران ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي عملي کي فوري طور تي واپس اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ايران ۾ مقرر سفارتڪار هڪ ڪمرشل فلائيٽ ذريعي روانا ٿي ويا آهن. پرڏيهي وزارت جي هڪ آفيسر چيو ته اسان پنهنجن سڀني شهرين کي صلاح ڏئي رهيا آهيون ته اهي ايران جو سفر نه ڪن ۽ اسان ايران ۾ پنهنجن شهرين کي جلد کان جلد اتان نڪري وڃڻ جي صلاح ڏيون ٿا.