حنا شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

آگسٽ 23, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم فاطمه ڦرڙو تي تشدد جي الزام هيٺ آيل اسد شاهه جي گهراري حنا شاهه کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ جون ڪوششون جاري آهن

ذريعن موجب حنا شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس تفصيل پڻ هٿ ڪيا ويا آهن

حنا شاهه جي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿيل آهي، 28 جولاءِ 1997ع تي  جنم وٺڻندڙ حنا شاهه 22 آگسٽ 2005ع تي پاسپورٽ ٺهرايو هو، جنهن  جو مدو 21 آگسٽ 2010ع تي ختم ٿي چڪو ۽ بعد ۾ سندس نالي تي  ڪو به پاسپورٽ جاري نه ڪيو ويو

 حنا شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور جي  لکيل خط کانپوءِ  لاڳاپيل ادارن پاران حنا شاهه جا تفصيل هٿ ڪيا ويا

Leave A Comment