حواله هنڊي ڊيلرز خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، ڪراچي ۾ ڇاپو، 3 جوابدار گرفتار

آڪٽوبر 21, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي  حواله هنڊي ڊيلرز خلاف ڪارروائي ڪندي ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا

تفصيل موجب ايف آءِ اي پاران حوالا هنڊي ڊيلرز خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، هڪ اطلاع تي ايف آءِ اي جي ٽيم ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن  محمد شاهد، محمد حسين ۽ عبدالرشيد کي گرفتار ڪري ورتو

ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران 32 هزار 7سئو امريڪي ڊالر، 15هزار سعودي ريال، 8 سئو درهم ۽ 9 ڪروڙ 88 لک روپين جي پاڪستاني ڪرنسي هٿ آئي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment