حوا ڄائيءَ جو خون سستو: فريد آباد ۾ گھرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال مبينا طور گھٽا ڏئي قتل
مارچ 19, 2025
فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇنڊڻ ميرپور ۾گهريلو اڻبڻت تان مبينا طور 22 ورھين جي نوجوان عورت شبانه کي مڙس دلبر چانڊيو بيدرديءَ سان گهٽا ڏيئي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مقتول عورت جي والد حاجي سعد الله چانڊيو پنهنجي ڌيءَ جو لاش کڻائي فريدآباد ٿاڻي پھتو، جتي ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڌيءَ کي ناٺي دلبر چانڊيو ،سھري رسول بخش عرف مکڻو چانڊيو سس ۽ ٻين گهريلو مسئلي تان بيگناھ گهر ۾ گهٽا ڏيئي ڪنڌ ۾ لٺيون سروٽا ھڻي تشدد ڪري بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڌيءَ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. جڏھن ته واقعي بابت ايس ايچ او فريدآباد منور چانڊيو جو چوڻ آهي ته مقتول عورت جي والد سعد الله چانڊيو کي لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏيئي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي واقعي جي اصل حقيقت سامهون اچي ويندي. ٻئي طرف مقتول عورت پاران گهريلو مسئلي تان گهر ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪرڻ جا پڻ علائقي ۾ چوٻول ھلندڙ آهن.