حوثين پاران سعودي ٻيڙن تي ميزائلن سان حملن جي دعويٰ

حوثين پاران سعودي ٻيڙن تي ميزائلن سان حملن جي دعويٰ

صنعا (م ڊ) يمن جي حوثين بحيره احمر ۾ سعودي عرب جي جهازن تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. حوثي ترجمان بيان ۾ چيو ته موخا جي ساحل ويجهو سعودي جهازن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته سعودي عرب پاران اڃا تائين ان دعويٰ جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.