تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

حياتياتي ارتقا جو تعارف ۽ مفـهوم … پروفيسر صاحب خان گهانگهرو

’ارتقا‘ هڪ وسيع لفظ آهي، جيڪو ڪنـﮬـن اهڙي لقاءَ يا تبديليءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؛ جيڪا ڌيرج سان هڪ وڏو عرصو پار ڪري ۽ اڻ موٽ هجي. اهو لفظ هر لقاءَ تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جيئن ڏاندن واري هر کان ٽريڪٽر تائين جو سفر يا وري اينٽينا واري موبائيل کان سمارٽ فون تائين جيڪا هڪ مني ڪمپيوٽر آهي. هن گجٽ ۾ ڪئمرا، رڪارڊ ۽ ٻيون کوڙ سـﮬـولتون شامل آهن. ساڳي طرح ڪنـﮬـن دور ۾ کليل ۽ ڪشادا گهر، ڪمرن ۾ هوادان ۽ روشندان هوندا هئا پر هاڻي بجلي ۽ گئس جي ڪري ماڻهو سوڙهن فليٽن ۾ به سولائي سان رهي سگهن ٿا. اها سلسليوار اڻموٽ تبديلي ارتقا چوِرائي ٿي. اهڙي ريت حياتياتي ارتقا مان مراد جاندارن جو هڪ گهرڙي واري اوائلي شڪل مان سلسليوار تبديلي آڻيندي؛ الڳ ماحول ۾ الڳ ۽ پيچيده قسمن ۾ اسري نروار ٿيڻ آهي. بن مانس کان ويندي انسان جي هاڻوڪي شڪل تائين!! ايئن پيچيده جيو جي ڪڙي ٺـﮬـي سگهي ٿي ته اهو جيو ڪـﮬـڙا مرحلا طئي ڪري اڄوڪي شڪل ۾ پـﮬـتو؛ جيون جي پوئنرن واري ڪڙي کي Phylatic lineage ۽ سادي شڪل کان پيچيده شڪل ڏانـﮬـن تبديلين جي سلسلي کي حياتياتي ارتقا چئبو آهي.
ارتقا ۽ عدم ارتقا جي خيالن جي اوسر ۽ تاريخ جڳ مشـﮬـور ناول ’صوفي جي دنيا‘ ۾ هڪ فلسفي صوفي نالي ٻارڙي کي خط ذريعي سوچ ۽ سوال جي باري ۾ سمجهائيندي مثال ڏئي ٿو ته “جيڪڏهن دري مان ڪو پٿر اندر ايندو ته ڪمري جي ڳڙکي ۾ بيٺل شخص جاچڻ لڳندو ته ڪٿي اها کائڻ جي شيءِ ته نه آهي. انـﮬـيءَ جي ابتڙ ويٺل ماڻهو هڪدم ڳڙکي مان ٻاهر نـﮬـاريندو ته اهو پٿر ڪنـﮬـن اڇليو ۽ ڪٿان آيو؟” جيئن ته اها انسان جي بنيادي خصلتن مان هڪ آهي ته هو ڄاڻڻ چاهيندو آهي ته شيون ڪٿان اينديون آهن. جاندار ڪڏهن ۽ ڪٿان آيا؟ انـﮬـن جو آغاز ڪيئن ٿيو؟ سوال ايترو ئي پراڻو آهي، جيترو انسان جي سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ جي تاريخ. اوائل کان وٺي زندگي جي آغاز ۽ ارتقا جي باري ۾ ٻه متضاد رايا رهندا پيا اچن. هي متضاد رايا ارتقا ۽ عدم ارتقا آهن. ايئن کڻي چئجي ته هڪڙا اهي جيڪي جاندارن جي تبديلين ۽ انـﮬـن مان ڀانت ڀانت جي نون قسمن جي جيون جا انڪاري ۽ ٻيا انـﮬـن تبديلين جا حمايتي آهن. اڃا به ان ڳالهه کي سادو ڪجي ته هڪڙا زندگي جي آغاز ۽ انواءَ کي ڪنـﮬـن خيال جو معاملو سمجهن ٿا ۽ جاندارن کي نه تبديل ٿيندڙ ۽ سدائين ساڳي حالت ۾ ڏسن ٿا. اهي خيال پرست آهن ۽ ٻيا جاندارن جو آغاز ڌرتي تي موجود ڪيمائي مادن جي عملن ۽ ردعملن جو نتيجو سمجهن ٿا ۽ جيون ۾ مستقل تبديلي جو سلسلو (ارتقا) کين سادي کان پيچيده شڪل ڏانـﮬـن ويندي نظر اچي ٿو؛ انـﮬـن کي جڙ وادي يا سائنسي سوچ رکندڙ چئبو آهي.
پهرئين خيال وارن عدم ارتقا وارن مان ناميارا نالا افلاطون، ارسطو، جان ڪيروليس لينيس، گئوونتي، اچي وڃن ٿا، جڏهن ته ارتقا جي حامين ۾ تاليس الگزينڊر، ايمپيڊوڪلس، ايپي ڪيورس، جي بي لامارڪ، اريمس ڊارون ۽ رزل ويلس ۽ چارلس ڊارون اهم نالا آهن. ڪجهه اهڙا فلسفي به هئا جن پنـﮬـنجي متضاد خيالن جي پاڻ ۾ شادي ڪرائڻ پئي چاهي انـﮬـن ۾ اهم نالا ماپرٽس، ڊيوڊ هيوم ۽ بگن اچي وڃن ٿا.
(الف) يوناني دور جا مشـﮬـور فلسفي
افلاطون 428 ق. م کان 348 ق م
افلاطون، سقراط جو شاگرد هو افلاطون مطابق هي ڪائنات ۽ ان ۾ موجود سڀ شيون ۽ لقاءُ، اصل جو نقل آهن، جيڪي اصل صرف خيال ۾ وجود رکن ٿيون؛ مطلب ته خيالي قوت وٽ جيڪو شين جو خيال آهي اهو نج آهي ۽ جيڪا شيءِ مادي وجود رکي ٿي اها بگڙيل يا ناقص شڪل آهي. افلاطون جي ڳالهه کي ٽن نقطن ۾ سمجهائي سگهجي ٿو.
1: شيون الـﮬـامي پيدائش رکن ٿيون، نڪي مادي حالتن جي پيداوار.
2: پـﮬـرين شين جي سڌريل شڪل جو خيال وجود ۾ آيو پوءِ ان جي بگڙيل شڪل (مادي وجود) ۾ رونما ٿيو.
3: جاندار، ارتقا پذير نه بلڪه نه تبديل ٿيندڙ ۽ سدائين لاءِ ساڳيون خاصيتون رکندڙ آهن.
ارسطو 384ق. م کان 322 ق.م
ارسطو، افلاطون جو شاگرد هو. جاندارن جي آغاز متعلق هو به نعيمي ارتقا بجاءِ خيال جو قائل هو اهو ئي سبب آهي جو ارسطو 18هين صدي تائين دم ارتقا جي حامين جو مرڪز رهيو.
وچين دور جا فلسفي
عيسوي سن جي شروعات کان ويندي جديد ارتقا جو نظريو ڏيندڙ لامارڪ ۽ چارلس ڊارون کان پـﮬـرئين تائين جي سائنسدانن يا فلسفين کي هن دور ۾ ڳڻايو ويو آهي.
جديد دور:
ارتقا ۽ عدم اعتماد جي جنگ جو جديد دور تڏهن شروع ٿيو، جڏهن لامارڪ نالي هڪ فرانسيسي نيچرلسٽ ارتقا جي تخيل کي مادي قانونن جي شڪل ڏني. شروع ۾ هو فرانس جي آرمي جو هڪ بـﮬـادر سپاهي هو. هن جنگين دوران دنيا جا انيڪ خطا گهميا ۽ اتان جي جيوت جو گـﮬـرو مشاهدو ڪيو. هن فرانس جي ٻوٽن جي قسمن تي ’فلورا فرانسڪوسي‘ نالي ڪتاب جا ٽي واليوم لکيا. هن کي جانورن جي جسم جي جڙت ۽ بيـﮬـڪ ۾ هڪ ارتقائي واڌ نظر آئي؛ جيڪا ماحول پٽاندر هئي. جيڪڏهن اسان هندستاني گينڊو ڏسنداسين ته ان جو جسم ويڪرو ۽ ڄنگهون ٿلهيون ملنديون ڇو ته هندستاني گينڊو، گپ واري علائقي ۾ رهندو آهي ۽ ان کي هر وقت گپ ۾ پير رکڻا پوندا آهن. ان لاءِ مضبوط ڄنگهن جي ضرورت پوي ٿي پر اسين آفريڪي گينڊي کي ڏسنداسين ته ان جو جسم اڀو ۽ چست ملندو ڇو ته هن کي پـﮬـاڙي علائقن ۾ ڊوڙڻو پوي ٿو!! اهڙن کوڙسارن مشاهدن کانپوءِ لامارڪ جو ذهن ان ڳالهه تي ڌڪ هڻي بيٺو ته ڪجهه به هجي پر ماحول جي مٽجڻ سان جانورن جي بيـﮬـڪ ۽ عضون ۾ تبديلي اچيو وڃي. لامارڪ پنـﮬـنجي ارتقائي نظريي کي ٽن ترتيبوار مرحلن ۾ بيان ڪيو آهي.
1: ماحول جو مٽجڻ:
زمين تي ٿيندڙ موسمي ۽ جيولاجيڪل تبديليون ماحول کي مٽايو ڇڏين، جنـﮬـن جو لازمي طرح اتان جي جيوت جي بيـﮬـڪ تي اثر پوي ٿو.
2: عضون جو استعمال ۽ عدم استعمال:
اهو لازمي آهي ته ماحول جو مٽجڻ عضون جي استعمال ۾ به بدلاءُ آڻي ٿو. ڪنـﮬـن دور ۾ جراف جو قد گڏهه جيترو هو. ماحولياتي تبديلي سبب جڏهن زمين تان گاهه جي اڻاٺ ٿي ته جراف وڻن مان پن کائڻ شروع ڪيا ۽ ان لاءِ ڳچيءَ کي مٿي ڇڪڻو پيو، جنـﮬـن سان ڳچي جي هڏين ۽ اڳين ڄنگهن تان بار هٽيو ۽ انـﮬـن کي وڌڻ جي وٿي ملي. پوئين ڄنگهين تي دٻاءَ وڌي ويو جيڪي ننڍيون ئي رهجي ويون. هزارن سالن کان پوءِ اهو گڏهه، دنيا جي ڊگهي جانور ۾ مٽجي ويو. ساڳي طرح ڪنـﮬـن دور ۾ نانگ چئن ٽنگن وارو، چمڙو اکين سان ڏسندڙ جانور هئا. هڪڙن عضون جي استعمال سان اهي مضبوط ٿي ويا، ۽ ٻيا عدم استعمال جي ڪري ختم ٿي ويا. جيئن چمڙي جون اکيون ۽ انسانن ۾ ڪليون وغيره.
3: نين حاصل ڪيل خاصيتن جو ايندڙ پيڙهين ۾ منتقل ٿيڻ.
لامارڪ مطابق ماحولياتي جبر تحت جانورن جي جسماني بناوت ۾ آيل تبديليون ايندڙ پيڙهين ۾ منتقل ٿينديون رهيون، هر ايندڙ پيڙهي پنـﮬـنجي پونئرن کان تبديل ٿيندي ويندي ۽ ائين هزارن پيڙهين کان پوءِ اهي جانور هڪ اهڙو نسل بنجي ويندا جيڪي پونئين کان بلڪل مٽ هوندا.ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته لامارڪ اهو پـﮬـريون ماڻهو هو، جنـﮬـن جي ارتقا جي خيالي تصور کي مادي قانون جي شڪل ڏيڻ ۽ ارتقائي نظريي تي گهڻ رخي تنقيد ٿيڻ لڳي. هڪ اها جيڪا ارتقا جي انڪارين طرفان هئي ته آخر ڪنـﮬـن هڪ جانور جون حاصل ڪيل خاصيتون ٻئي پيڙهي ۾ ڪيئن ٿيون منتقل ٿين؟ ڇو ته اسين ڏسندا پيا اچون ته ڪو لوهار جڏهن لوهه کي هٿوڙي سان ڪٽي ٿو ته ان جي ٻانـﮬـن جا ڏورا مضبوط ٿين ٿا پر ائين ته ڪو نه ٿيو آهي ته کوڙسارين پيڙهين کان پوءِ ڪي لوهارڪي خاندان جا ڏورا عام کان ڏهوڻا ٿيا هجن. اهو ۽ اهڙا کوڙ سوال لامارڪ حل نه ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ميدان مـﮬـيا ڪري ويو. جنـﮬـن ڊارون ازم جهڙي شاهڪار نظريي کي جاءِ ڏني.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *