“حياتي بچايو” ٺٽو لڳ اغوا ناري جو 6 مهينن بعد وارثن سان رابطو: باندي بڻائي تشدد جون دانهون

“حياتي بچايو” ٺٽو لڳ اغوا ناري جو 6 مهينن بعد وارثن سان رابطو: باندي بڻائي تشدد جون دانهون

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو لڳ گھار موري جي رھواسي پورھيت لکاڏنو ملاح پنھنجي نياڻي جي مبينا اغوا خلاف ٺٽي پھچي دانھيندي چيو آھي ته 6 مھينا اڳ منهنجي نياڻي ناهيده زال ظهير ملاح کي جوابدار گهران رات جي وقت اغوا ڪري ويا هئا، هن الزام هنيو ته نياڻي کي ٺٽي شھر جي آمري اسٽاپ واسي رشيد ۽ بابو اغواءَ ڪري ويا آھن، پورهيت چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو پر پوليس ڪارروائي نٿي ڪري، هن چيو ته نياڻي ناهيده 6 مهينن بعد هڪ نامعلوم نمبر تان رابطو ڪري چيو ته اغوا ڪندڙن هڪ ڪمري ۾ قيد ڪري رکيو آهي، روز تشدد ڪيو وڃي ٿو، قتل ڪرڻ چاهين ٿا، مون کي بچايو وڃي، هن چيو ته منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.