| حيات پتافي ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت، انگ وڌي 4 ٿي ويو |
حيات پتافي (ن پ ا) حيات پتافي لڳ ڳوٺ محمد يعقوب مشوري ۾ ارڙي وگھي 4 ورهين جي وسيمان ڌيءُ ولي مشوري فوت ٿي وئي، جڏهن ته.ارڙي ۾ ٻن هفتن ۾ چار ٻار فوت ٿي چڪا آهن،جن ۾ 2 ورهين جو سلامت بوزدار، بخت بوزدار ۽ نينگري سوناري بوزدار شامل آهن، علائقي واسين موجب ڪيترائي ٻار ارڙي ۾ مبتلا آهن، سندن علاج ڪرايو وڃي.