| حيدرآباد:گلستان سرمست اسڪيم16سالن کان لٽڪيل: ساڍا 8 اربن جي جاچ جو حڪم |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم جي 32 هزار کان وڌيڪ الاٽيز کان ڊولپمينٽ چارجز جي مد ۾ ساڍا 8 ارب رپيا اوڳاڙڻ باوجود 16 سالن کان الاٽيز کي فزيڪل پزيشن( قبضو)، بجلي، گيس ۽ پاڻي توڙي انفرااسٽڪچر جون سهولتون فراهم نه ڪرڻ جو انڪشاف، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي معاملي جو نوٽيس وٺي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ ڪري ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهوڪي اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو 2021ع کان گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم تي ڪم بند هجڻ ۽ 16 سالن کان الاٽيز کي قبضو نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڇ ڊي اي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اسڪيم ڪڏهن شروع ٿي؟ انهي تي ڪم ڇو بند آهي؟ هن وقت تائين الاٽيز کان ڪيتري رقم وصول ڪئي وئي آهي ۽ اڃا تائين قبضو ڇو نه ڏنو پيو وڃي؟ جنهن تي ايچ ڊي اي عملدارن ٻڌايو ته گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم 2 هزار ايڪڙ زمين ۽ 24 سيڪٽرن تي ٻڌل آهي، اها رٿا 2009ع ۾ شروع ٿي، جيڪا 2013ع تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي ها۔ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ٿي چڪا آهن، جن کان پلاٽن ۽ ڊولپمينٽ چارجز جي مد ۾ ساڍا 8 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن، هن وقت 24 مان 5 سيڪٽرن ۾ ترقياتي ڪم مڪمل ڪري الاٽيز کي قبضو ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اشتهار پڻ جاري ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين رڳو 200 ماڻهن قبضو وٺڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سوال ڪيو ته الاٽيزکان مليل ساڍا 8 ارب رپيا ڪيڏانھن ويا؟ اسڪيم تي ڪم ڇو بند آهي، بجلي، گيس، پاڻي ۽ روڊ نيٽ ورڪ ڇو نه ڏنو ويو آھي؟ ايڇ ڊي اي عملدارن ٻڌايو ته ساڍن 8 ارب مان 4 ارب رپيا ڊولپمينٽ تي خرچ ڪيا ويا آهن، گرڊ اسٽيشن لاءِ 14 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا پر واپڊا ڊيمانڊ نوٽيس ۾ رقم وڌائي ڇڏي آهي۔ هنن ٻڌايو ته هر سيڪٽر 80 ايڪڙن تي مشتمل آهي ، سيڪٽر ون کان سيڪٽر 5 تائين 80 سيڪڙو ترقياتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي۔ هن وقت ايڇ ڊي اي وٽ ڊي جي موجود ناهي، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇا ڪئي ته جيڪڏهن ساڍا 8 مان 4 ارب ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيا ويا، باقي ساڍا 4 ارب ڪٿي آهن ؟ جنهن تي ايڇ ڊي اي عملدار وضاحت پيش نه ڪري سگهيا، جنهن تي پي اي سي پاران اربين رپين جي بي ضابطگين تي جاچ جو حڪم ڏيندي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري افشان کي ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.