حيدرآباد اسلام آباد  کي هارائي لاڳيتو ٻئين ڪاميابي ماڻي ورتي

حيدرآباد اسلام آباد  کي هارائي لاڳيتو ٻئين ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ حيدرآباد ڪنگز مين اسلام آباد يونائيٽڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 21 هين ميچ ۾ حيدرآباد ڪنگز مين 154 رنز جو پيڇو 19 هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. ڪنگز مين جي طرفان ڪپتان مارنس لبوشين ناٽ آئوٽ 61 رنز بنائي نمايان رهيو. صائم ايوب 35، معاذ صداقت 30، ڪوشل پريرا 2 ۽ عثمان خان 1 رن بنائي آئوٽ ٿيا. گلين ميڪسويل 21 رنز بنائي ناٽ آئوٽ پويليئن موٽيو. اسلام آباد يونائيٽڊ جي طرفان ڪرس گرين ۽ فهيم اشرف 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کان اڳ حيدرآباد ڪنگز مين جي دعوت تي پهرين بيٽنگ ڪندي اسلام آباد يونائيٽڊ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنز اسڪور ڪيون. يونائيٽڊ جي طرفان ڊيوون ڪونووي 45 رنز بنائي نمايان رهيو. مارڪ چيمپين 42، سمير منهاس 22، محمد فائق 18، ڪرس گرين 6، حيدر علي 6، فهيم اشرف 5، عماد وسيم 2 ۽ مهران ممتاز 0 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿيا. حيدرآباد ڪنگز مين جي طرفان آصف محمود 4 ۽ محمد علي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. گلين ميڪسويل 1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو.