حيدرآباد: اسمگلنگ ڪوشش ناڪام، 16 پيلڪن پکي هٿ، شڪاري گرفتار

حيدرآباد: اسمگلنگ ڪوشش ناڪام، 16 پيلڪن پکي هٿ، شڪاري گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ وائلڊ لائيف کاتي جي لا انفورسمنٽ ٽيم  انڊس هاءِ وي تي ڪارروائي ڪندي ناياب آبي پکين پيلڪن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي 16 پکي هٿ ڪري  ورتا، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي وائلڊ لائيف اختيارين موجب ناياب پيلڪن پکين جو غيرقانوني شڪار ڪري کين دادو کان ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو. ڳجهي اطلاع تي حيدرآباد وائلڊ لائيف لا انفورسمنٽ ٽيم ڪارروائي ڪندي هڪ ٽرڪ کي روڪي تلاشي ورتي، جنهن دوران 16 ناياب آبي پکي هٿ ڪيا ويا.اختيارين جو چوڻ آهي ته پيلڪن ناياب نسل جا آبي پکي آهن، جن جو غيرقانوني شڪار ڪري کين عطائي حڪيمَن وٽ وڪرو ڪيو ويندو آهي، جتي انهن جي چرٻي مان تيل تيار ڪيو ويندو آهي.ڪارروائي دوران ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ پڻ جاري آهي.