حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هڪ ڏينهن اڳ پيل برسات وارو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ انتظاميا سڄو ڏينهن ڪوششون جاري رکيون پر اڃا تائين گدو چوڪ، فتح چوڪ، حالي روڊ، امريڪن ڪوارٽر ۽ ٽنڊو آغا سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري شهري پريشان آهن.
لياقت ڪالوني وارو مک برساتي نالو صاف ناهي ٿي سگهيو جنهن ڪري ڄاڻايل نالي ڀرسان هيٺانهين وارن علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ انتظاميا کي پريشانيون ٿي رهيون آهن. ٻئي طرف ميئر ڪاشف شوري برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو وٺڻ لاءِ مين ڊسپوزل يونٽ نمبر 2، يونٽ نمبر 11، انڊر پاس، يونٽ نمبر 7 ۽ حسين آباد انڊر پاس جو جائزو ورتو.
ساڳئي ريت ميئر پريٽ آباد، اسٽيشن روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ به قائم پمپنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري عملي کي هدايتون ڪيون ته پمپنگ اسٽيشنون هر صورت ۾ هلايون وڃن ته جيئن برساتي پاڻي فوري طور نيڪال ٿي سگهي.
ميئر ڪاشف شورو ڪافي عرصي کان برساتي نالن جي صفائي نه ٿيڻ تي عملي کي هدايتون جاري ڪيون ته فوري طور تي ايڪسيويٽر ۽ ٻي مشينري گهرائي نالن کي صاف ڪيو وڃي ته جيئن علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ آساني پيدا ٿي سگهي.