حيدرآباد ۾ به گم ٿي ويل نينگر جو اڪرام واهه مان لاش هٿ

جُولاءِ 15, 2023

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ نيوسبزي مارڪيٽ وٽ اڪرم واه مان نينگر جو لاش هٿ آيو، پڃاري پوليس پهچي لاش واهه مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

پوليس موجب نينگر جي سڃاڻپ 12 سالن جي سجاد عرف سجو جتوئي پٽ لياقت جتوئي جي نالي سان ٿي آهي، نينگر جو تعلق ڳوٺ امام بخش جتوئي سان آهي سندس وارثن کي به اطلاع ڏنو ويو

سجاد عرف سجو جتوئي گذريل ڏينهن گهران نڪتو جيڪو واپس نه موٽيو جنهن بعد وارثن ڳولا شروع ڪئي ۽ اڄ سندس اڪرم واهه مان لاش مليو آهي

Leave A Comment