حيدرآباد(بيورو رپورٽ) هاڻ حيدرآباد بورڊ جون امتحاني ڪاپيون آن لائن چيڪ ٿينديون، ان ڏس ۾ حيدرآباد بورڊ جي ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن شڪيل احمد لغاري آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولز اينڊ ڪاليجز طرفان حيدرآباد ۾ اي مارڪنگ سسٽم بابت تربيتي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته هن دفعي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جو ڪاپيون اي مارڪنگ ذريعي چيڪ ڪيون وينديون، هڪ آن لائن پورٽل ٺاهيو آهي جيڪو استادن کي ڏنو ويندو هر استاد کي مختلف شاگردن جو صرف هڪ سوال موڪليو ويندو، هڪ شاگرد جي ڪاپي مختلف استاد چيڪ ڪندا، شاگرد جي ڪاپي جي معلومات مڪمل طور ڳجهي رکي ويندي، ھن چيو ته چيڪ ڪندڙ استاد کي خبر نه هوندي ته هو ڪنهن جي ڪاپي چيڪ ڪري رهيو آهي. ھن چيو ته هي سسٽم متعارف ڪرائڻ جو مقصد سسٽم ۾ شفافيت پيدا ڪرڻ آهي.هن دفعي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جو ڪاپيون اي مارڪنگ ذريعي چيڪ ڪيون وينديون،