حيدرآباد جا شهري مڇرجي پيا، قومي شاهراهه بند ، سوين گاڏيون بيهجي ويون

آگسٽ 13, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڳوٺ محمد بخش شورو سميت 4 ڪالونين جي بجلي ڪاٽا ڪرڻ خلاف علائقي واسي رستن تي نڪري آيا ۽ قاسم آباد باءِ پاس تي پهچي قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

 احتجاج ڪندڙ ماڻهن حيسڪو اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته سندن علائقن جي بجلي بحال ڪئي وڃي. چيو پيو وڃي ته حيسڪو پاران ڳوٺ محمد بخش شورو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪالونين الخيرسوسائٽي، گلشن نور محمد ۽ ٻين علائقن جي بجلي 11 هزار وولٽيج جي لائين مان ڪٽي بند ڪئي وئي جنهن تي ڄاڻايل ڪالونين جا رهواسي مڇرجي پيا ۽ قاسم آباد باءِ پاس تي پهچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

 روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ڪراچي کان پنجاب ۽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون جنهن سبب ٽرانسپورٽر ۽ گاڏين ۾ سفر ڪندڙ مسافر سخت پريشان ٿيا. باءِ پاس بلاڪ ٿيڻ جي ڪري اڪثر گاڏيون شهر ۾ ڪاهجي پيون جنهن جي ڪري هالاناڪي ۽ سبزي مارڪيٽ

 سميت ٻيا مختلف روڊ به جام ٿي ويا ۽ ٽريفڪ سخت متاثر ٿي. بعد ۾ ڀٽائي نگر پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جنهن تي پوليس حيسڪو اختيارين کي طلب ڪري ورتو ۽ مظاهرين جو بجلي بحال ڪرڻ وارو مطالبو تسليم ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو

لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪ ساندهه روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ سخت متاثر ٿي جيڪا ٽن ڪلاڪن بعد معمول تي آئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته حيسڪو اختياريون بنا ڪنهن سبب جي 11 هزار ڪي وي لائين جو لنڪ ڪٽي بجلي بند ڪري ڇڏين ٿيون جنهن سبب رهواسي پريشان ٿين ٿا

هنن چيو ته اڪثر ماڻهو بجلي جو بل ادا ڪن ٿا جڏهن ته حيسڪو جو عملو خود ڪنڊا هڻندڙ ماڻهن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن جي ڪري بجلي جو نظام بري طرح متاثر ٿئي ٿو. حيسڪو جي لاڳاپيل آفيسرن پوليس کي ٻڌايو ته علائقي ۾ بجلي جي چوري آهي

جنهن جي ڪري رهتون به ادا نٿيون ٿين ان ڪري مجبورن کين بجلي بند ڪرڻي پوي ٿي. بعد ۾ بجلي بحال ٿيڻ جي خاطري تي مظاهرين ڇر وڇڙ ٿي ويا

Leave A Comment