حيدرآباد جا چور حيسڪو کان به ڏاڍا: تارون لاهي ويا، بجلي بند

جُولاءِ 6, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سٽي تعلقي جي سب ڊويزن لياقت ڪالوني ۾ اڻڄاتل چور بجلي جون تارون چورائي ويا آهن

 ذريعن جو چوڻ آهي ته حيسڪو پاران لال گودام وٽ ٽرانسفارمر لڳايو ويو هو جنهن جون گذريل ڏينهن صبح جو 5 وڳي ڌاري لنڪون لاهي اڻڄاتل چورن بجلي بند ڪئي ۽ بعد ۾ هو

 مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ تارون ٿنڀن تان ڪٽي چورائي ويا آهن. تارون چوري ٿيڻ بعد علائقن کي بجلي فراهمي بند ٿي وئي آهي. حيسڪو سب ڊويزن لياقت ڪالوني جي عملي جو چوڻ آهي ته  بجلي فالٽ سبب بند ٿيل آهي

 جنهن جو ڪم مڪمل ڪري هو علائقي جي بجلي بحال ڪندا. رابطو ڪرڻ تي سخي پير ٿاڻي جي پوليس  معاملي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي ڄاڻايو ته اهو علائقو پڃاري ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿو

 جڏهن ته پڃاري پوليس به واقعي کي سخي پير ٿاڻي جي حد قرار ڏئي اڃا تائين ڪا به پوليس ڪارروائي ناهي ڪئي جنهن ڪري شهري بجلي کان محروم آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب