ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) حيدرآباد جون 10 اين جي اوز غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف، سوشل ويلفيئر کاتي پاران ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي خط لکي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي
مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد جي 10 اين جي اوز حيدرآباد سماجي اتحاد، هيومن رائٽس حيدرآباد، هيومن رائٽس ايڊووڪيسي حيدرآباد، پاڪستان انٽرنيشنل هيومن رائٽس، هيومن رائٽس ڪائونسل حيدرآباد، هيومن رائٽس ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن حيدرآباد، انيسه سوشل ورڪر ٽيم، ٽيلينٽ ٽيم حيدرآباد ۽ هيومن ڪيئر آرگنائيزيشن غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ان حوالي سان سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين ڊي سي ، ايس ايس پي ۽ سوشل ويلفيئر کاتي حيدآرباد جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي خط لکي آگاهي ڏني آهي ته 10 ئي اين جي اوز رجسٽرڊ ناهن، اهي فراڊ وارين سرگرمين ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ ڏني وڃي