حيدرآباد جو شھري ڦليلي واهه ۾ ٻڏي فوت، لاش هٿ

جُون 3, 2025

حيدرآباد ( پنهنجي ڊيسڪ) حيدرآباد جوشھري ڦليلي واهه ۾ ٻڏي  فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش هٿ ڪيو ويو، حيدرآباد جي درگاهه عثمان شاهه بخاري ويجهو ڦليلي واهه ۾ لطف علي عرف بابو ٻڏي فوت ٿي ويو،اطلاع تي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پھچي لاش بيهڻ موري وٽان هٿ ڪري ورتو، جنهن  جو لاش اسپتال  منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي  ڪهرام مچي ويو، وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر